ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي وبائي صورتحال جي ڪري ڪراچي ۾ وزير اعليٰ هائوس جون آفيسون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سي ايم هائوس جي 14 آفيسن کان سواءِ ٻيون آفيسون بند رهنديون، ان حوالي سان جاري ڪيل سرڪلر موجب چيف منسٽر هائوس ۾ شهرين جي اچڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.سرڪلر ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 14 آفيسن ۾ 50 سيڪڙو ملازمن کي اچڻ جي اجازت هوندي جڏهن ته وزير اعليٰ هائوس جي بند آفيسن جا ملازم گهرن مان ڪم ڪندا.
