گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) ن ليگ آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي تڪ ايل اي 35 تان پارٽي اميدوار اسماعيل گجر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، گذريل ڏينهن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن ۾ تڪ ايل اي 35 ڄمون 2 (گوجرانوالا) مان ن ليگ اميدوار اسماعيل گجر ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن انتظاميا ڳالهه نه ٻڌي ته مدد لاءِ ڀارت کي سڏيندس، اسماعيل گجر جي اهڙي عمل تي هاڻ ن ليگ کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ کيس 7 ڏينهن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ن ليگ جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال موجب جواب جمع نه ڪرائڻ تي ڊسپلنري ڪارروائي ڪئي ويندي.
114