121

سنڌ سان اسان جو تعلق پراڻو آهي، سنڌ جي عوام تبديلي چاهي ٿي، ايندڙ چونڊن ۾ سندن فيصلو مختلف هوندو: شاهه محمود قريشي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سنڌ جي عوام تبديلي چاهي ٿي ايندڙچونڊن ۾ هتان جي عوام جو فيصلو مختلف هوندو، ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ سان اسان جو تعلق پراڻو آهي. سنڌ جي عوام موجوده حڪمرانن تي ڀروسو ڪيو پر اڄ سنڌ جي ماڻهن کي ڪجهه به نه مليو آهي. هتي امن امان جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي. سنڌ جو صحت کاتو تباهه آهي. ٿرپارڪر جي حالت سڀني جي سامهون آهي. اتان جا مقامي اقليتي پيسجي رهيا آهن. سنڌ جا ماڻهو 12 سالن کان متبادل ڏسي رهيا آهن. سنڌ جا ماڻهو تبديلي چاهين ٿا ايندڙ  چونڊن ۾ سنڌ جو فيصلو مختلف هوندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود ڪراچي چيو ته ارڙهين ترميم جو راڳ ڳائيندڙ پنهنجي ڪارڪردگي ته ٻڌائين هي ماڻهو قومي اسيمبلي ۾ اچي تقرير ڪندا آهن ته جمهوري روايتن کي پاس ٿيڻ گهرجي پر هو پهريان سنڌ ۾ ته جمهوري روايتن کي پاس ڪن. داسو واقعي ۽ ان جي پاڪ چين لاڳاپن تي اثرن جي حوالي سان شاهه محمود قريشي ته ڪجهه طاقتون پاڪستان ۾ استحڪام نٿيون چاهين. چين سان لاڳاپا ڪنهن کان به لڪيل نه آهن.چين سان پاڪستان جي دوستي جي نوعيت ڪجهه طاقتون نٿيون سمجهي سگهن. داسو واقعو بزدلاڻي ڪارروائي آهي. ان سان چين ۽ پاڪستان متاثر ٿيا. ناراض بلوچ قومپرستن سان ڳالهين جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته بلوچستان ۾ پريشانين جو حل ڪڍڻو پوندو. بلوچستان جا جيڪي ماڻهو ناراض هئا انهن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ چاهيون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو