158

افغانستان صورتحال جو پاڪستان کي ذميوار قرار ڏيڻ افسوسناڪ عمل آهي، افعانسان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ گهرو ويڙهه جا پاڪستان جي قبائلي علائقن تي اثر پوندا: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان صورتحال جو پاڪستان کي ذميوار قرار ڏيڻ افسوسناڪ عمل آهي. افعانسان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ گهرو ويڙهه جا پاڪستان جي قبائلي علائقن تي اثر پوندا، رپورٽ مطابق وزيراعظم عمران خان سان پاڪ افغان يوٿ فورم جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ اعليٰ اختيارين کان علاوه افغانستان سان تعلق رکندڙ صحافين، ايڊيٽرن، فلمسازن، ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. ان ملاقات جو مقصد پاڪ افغان فورم جي ميمبرن جي پاڪستان افغان لاڳاپن، پاڪستان جي افغانستان ۾ پائيدار امن لاءِ کنيل قدمن ۽ خطي جي گڏيل صورتحال جي حوالي سان ميمبرن جي سوالن تي حڪومت جو موقف واضح ڪرڻ ۽ نوجوانن کي پاڪستان جي افغان امن عمل لاءِ ڪوششن جي باري ۾ آگاهي ڏيڻ هو. ملاقات ۾ وزيراعظم ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏنا.  وزيراعظم افغان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته افغان حڪومت ثبوتن کان سواءِ لاڳيتو پاڪستان مٿان سنگين الزام لڳائي رهي آهي. پاڪستان افغانستان ۾ امن چاهي ٿو ۽ اسان افغانستان کي پاڙيسري نه پر ڀاءُ سمجهون ٿا، وزيراعظم چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع ۾ گڏيل قومن جي قراردادن جي ڀڃڪڙي ڪندي  ڪشمير جي حيثيت کي تبديل ڪيو نه صرف اهو پر ڪشميرين تي ظلم ۽ بربريت جي نئين باب جي شروعات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان 1948ع کان ڪشميرين جي حقن جي تحفظ لاءِ  عالمي سطح تي پنهنجو آواز اٿاري رهيو آهي. جڏهن ته ڀارت پنهنجي 5 آگسٽ جي قدمن کي واپس نٿو وٺي ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي به بحال نٿو ڪري. ڪشميري جيستائين گڏيل قومن طرفان مليل حق خوداراديت جو اظهار نٿا ڪن تيستائين ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي تيستائين ڀارت سان ڳالهيون ۽ افغان امن عمل ۾ سندن شموليت کي قبول ڪرڻ ممڪن نه آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو