112

گذريل ڏينهن رڪارڊ 8.5 لک ماڻهن ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي: اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته گذريل 3 ڏينهن ۾ 23 لک 8 هزار ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي، جڏهن ته رڪارڊ هڪ ڏينهن ۾ 8 لک 50 هزار ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي. 3 ڏينهن دوران پهرئين ڏينهن 6 لک 80 هزار، ٻئي ڏينهن 7 لک 78 هزار ۽ ٽئين ڏينهن 8 لک 50 هزار ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته لڳاتار 3 ڏينهن ۾ ويڪسين لڳائڻ جو نئون رڪارڊ ٿيو آهي. هن چيو ته انشاءَ الله هڪ ڏينهن ۾ ڪورونا ويڪسين جو 10 لک جو هدف به عبور ڪنداسين. هن چيو ته گذريل ڏينهن پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي. هن چيو ته ويڪسين لڳائڻ جو عمل ملڪ ۾ بهتر ٿي رهيو آهي، اسان کي ان عمل کي اڃا وڌيڪ بهتر بڻائڻ گهرجي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن کي ان موذي بيماريءَ کان بچائڻ لاءِ ويڪسين لڳرائين ۽ ايس او پيز تي سختيءَ سان عملدرآمد ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو