117

بحرين سان اقتصادي ۽ تجارتي رابطا وڌائڻ چاهيون ٿا: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گذريل ڏينهن منامه ۾ بحرين جي ولي عهد، نائب سپريم ڪمانڊر ۽ وزيراعظم شهزاده سلمان بن حمد بن عيسيٰ الخليفه سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت مطابق ڳالهين دوران ٻه طرفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپيءَ جا معاملا بحث هيٺ آيا. پرڏيهي وزير ولي عهد شهزاده سلمان بن حمد الخيفه کي بحرين جي وزارت عظميٰ جو منصب سنڀالڻ تي وزيراعظم عمران خان طرفان مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته 2019ع ۾ وزيراعظم عمران خان جي بحرين جي دؤري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملي. وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشنيءَ ۾ اقتصادي ترقيءَ جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته سلطنت بحرين سان اقتصادي ۽ تجارتي رابطا وڌائڻ چاهيون ٿا، ملاقات دوران بحرين ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي فلاح ۽ بهبود بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو