98

2 آگسٽ کان مخصوص ضلعن ۾ پوليو کان بچاءُ جي مهم جي شروعات ٿي رهي آهي: ڊاڪٽر فيصل سلطان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي صحت بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته 2 آگسٽ کان ملڪ جي مخصوص ضلعن ۾ پوليو کان بچاءُ جي مهم جي شروعات ڪئي پئي وڃي. مهم ملڪ جي چئني صوبن جي مخصوص ضلعن ۽ اسلام آباد ۾ شروع ٿي رهي آهي. مخصوص ضلعا چئني صوبن مان چونڊيا ويا آهن، جڏهن ته اسلام آباد ۾ پڻ مهم هوندي. ڄاڻايل مهم ۾ هڪ لک 79 هزار پوليو ورڪرز گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريندا. پوليو ورڪرز ڪورونا وبا کان بچاءُ جي حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪندا ته جيئن نه صرف پاڻ بلڪ ٻين کي پڻ ان وبا کان محفوظ رکي سگهن. گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي خاص مددگار وڌيڪ چيو ته اسلام آباد ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري باقاعده مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته پاڪستان هلندڙ سال پوليو کان بچاءُ جي مهم ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، اسان ان ڪاميابيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ٻارن جي قوت مدافعت لاءِ هر مهم ۾ پوليو کان بچاءُ جا قطرا پيارڻ لازم آهي. مان سمورن والدين کي ان موقعي تي درخواست ڪريان ٿو ته هو پنهنجي دروازن تي فرنٽ لائن ورڪرز کي ڀليڪار چون ۽ پيدائش کان 5 سالن جي عمر جي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پيارين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو