اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير اعظم خان سواتي جي صدارت هيٺ ريلوي هيڊ ڪوارٽرز آفيس لاهور ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پاڪستان ريلوي نثار احمد ميمڻ، آءِ جي ريلوي عارف نواز کان علاوه ايڊيشنل جنرل مئنيجر انفراسٽرڪچر آصف متين زيدي، ايڊيشنل جنرل مئنيجر ٽريفڪ مظهر علي شاهه، ايڊيشنل جنرل مئنيجر مڪينڪل سلمان صادق، ايڊوائيزر ٽو فيڊرل منسٽر فار ريلوي عبدالرشيد کان علاوه سينيئر آفيسرن وڊيو لِنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اعظم سواتي چيو ته نئون مالي سال پاڪستان ريلوي لاءِ بهتر ۽ لاڀائتو ثابت ٿيندو. هن چيو ته ريلوي هيڊ ڪوارٽرز کان علاوه ڊويزنل سپرنٽنڊنٽ آفيسرن سميت پنهنجي ويڪسين لڳائڻ کي 10 آگسٽ تائين يقيني بڻائين، پاڪستان ريلوي ۾ ايفيشني کي وڌائڻ لاءِ سڀني کي گڏجي محنت ڪرڻي پوندي.
132