ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي نورستان ۾ ٻوڏ سبب گهٽ ۾ گهٽ 40 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 150 ڄڻا گُم ٿي ويا آهن. فرانسيسي خابرو اداري مطابق صوبائي ڪائونسل جي سربراهه سعيد الله نورستاني ٻُڌايو ته ضلعي ڪامديش ۾ طوفان برسات بعد ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جتي ٻوڏ سبب 40 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 150 ڄڻا گُم ٿي ويا آهن جن جي ڳولها جاري آهي.
111