101

گهٽ آمدني وارن گهرن جي لاءِ هڪ صفحي جو آسان فارم بڻائي رهيا آهيون: فرخ حبيب

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته گهٽ آمدني وارن گهرن جي لاءِ هڪ صفحي جو آسان فارم بڻائي رهيا آهيون، وزيراعظم عمران خان جي دلچسپي سان گذريل 15 مهينن دوران ٽيڪس ايگزمشن رجيم متعارف ڪرائي وئي، سڄي ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪنسٽريڪشن جي شعبي ۾ هيستائين 1000 ارب روپين جي سيڙپڪاري ٿي چڪي آهي، لاڳاپيل 120 صنعتن ۾ 4100 ارب روپين جي معاشي سرگرميون ٿينديون ۽ مجموعي طور تي 7 لک روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، سنڌ حڪومت 400 منصوبن مان صرف 90 منظور ڪيا، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي اڏوهي جو شڪار آهي، جيستائين فائل کي ڦيٿو نه لڳي يا ڪميشن جو تعين نه ڪيو وڃي منصوبا منظور ناهن ٿيندا، وزيراعظم آگسٽ ۾ نئين پاڪستان پروگرام جو آغاز ڪندو جنهن تحت 60 لک ماڻهن کي گهر جي لاءِ 20 لک روپين جا آسان بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا. پنهنجي پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته هائوسنگ جي شعبي ۾ پنجاب ۾ 373 ارب روپين جي سيڙپڪاري، معاشي اثر 1900 ارب، 3 لک 25 هزار نوڪريون پيدا ٿينديون، 24 هزار 404 پراجيڪٽس منظور ٿيا آهن، سنڌ ۾ 267 ارب روپين جي سيڙپڪاري، معاشي اثر 1337 ارب ٿيندو، ٻه لک نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا. ڪي پي ڪي ۾ 4829 منصوبا، 74 ارب روپين جي سيڙپڪاري آئي آهي، معاشي اثر 371 ارب روپين جو هوندو ۽ 64 هزار نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا. اسلام آباد ۾ 5986 منصوبا منظور ٿيا، 175 ارب روپين جي سيڙپڪاري، معاشي اثر 525 ارب آهي، هڪ لک 4 هزار نوڪريون پيدا ٿينديون، هن چيو ته ايف بي آر پاران ٽيڪس ايگزمشن رجيم تحت 491 ارب جا منصوبا رجسٽرڊ ٿيا آهن، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سنڌ حڪومت ڪنٽريڪشن جي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪري، هن چيو ته گهٽ آمدني هائوسنگ وزيراعظم جي دل جي ويجهو آهي، اسان جي وزيراعظم کي سوئيس بئنڪن ۾ پئسو ناهي جمع ڪرائڻو نه ئي ٻاهر جائيدادون ٺاهڻيون آهن، عمران خان کي احساس آهي ته ڪهڙي طرح غريب ماڻهو کي ڇت فراهم ڪئي وڃي، هن چيو ته گهٽ آمدني وارن گهرن لاءِ بئنڪن کي 145 ارب روپين جي درخواستون مليون، 45 ارب جا قرض  منظور ٿي چڪا آهن، پهرين هڪ لک گهرن کي ٽن لک جي سبسڊي ۽ 20 سال جي مدي جي آسان قرض فراهمي جي سهولت ڏني پئي وڃي، هن چيو ته هن وقت تائين 20 هزار لوڪاسٽ هائوسنگ يونٽس مڪمل ٿي چڪا آهن جنهن ۾ اخوت جو به ڪردار آهي، نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي 70 هزار گهرن جا پراجيڪٽس کي شارٽ لسٽ ڪري ورتو آهي. هن چيو ته وزيراعظم جو ويزن آهي ته پاڪستان جي زمين جي ڊجيٽلائيزيشن ڪئي وڃي، اهو انقلابي قدم آهي، مالي کاتي جي رڪارڊ جي سامهون رکيو پيو وڃي، سيٽلائيٽ ايمجري ۽ فيلڊ سروي جي ذريعي ڊجيٽلائيزيشن ڪئي پئي وڃي، ڊجيٽلائيزيشن جي پهرين مرحلي ۾ ڪراچي 2500 مربع ڪلوميٽر ۾ 50 سيڪڙو لاهور سٽي 900 سڪيور ڪلوميٽر ۾ 60 ڪلوميٽر مڪمل، اسلام آباد جو 240 سڪيور ڪلوميٽر مان 95 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ رڪارڊ فراهم نه ڪري رهيو آهي، 25 ٻيلا سنڌ ۾ هئا، هاڻي ڪو به نظر نه اچي رهيو آهي، سڄي ملڪ ۾ 80 سيڪڙو اسٽيٽ لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن ٿي چڪي آهي وزيراعظم سروي آف پاڪستان کي 31 آگسٽ تائين اسلام آباد، 30 آڪٽوبت تائين اسٽيٽ لينڊ (سنڌ کانسواءِ) ۽ لاهور جي لينڊ ڊجيٽلائيزيشن جي لاءِ 15 نومبر جي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي آهي، هن چيو ته هن وقت تائين هائوسنگ سيڪٽر جي لاءِ 96 اجلاس ٿيا جنهن مان 48 جي صدارت پاڻ عمران خان ڪئي آهي، سڄي ملڪ ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي نگراني هيٺ 45 هزار لوڪاسٽ يونٽس تعمير هيٺ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو