98

احتساب عدالت، آصف علي زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين خلاف توشه خانه ريفرنس ۾ ٻُڌڻي ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت جي جج سيد اصغر علي جي عدالت ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين خلاف توشه خانه ريفرنس ۾ صفائيءَ واري وڪيل جي گذارش تي ٻُڌڻي ملتوي ڪئي وئي. گذريل ڏينهن ٻُڌڻيءَ دوران نيب پراسيڪيوٽر عرفان ڀولا ۽ صفائي وارو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت آڏو پيش ٿيا. عدالت ملزمن جي حاضري لڳائي، ان موقعي تي آصف علي زرداري، يوسف رضا گيلاني ۽ عبدالغني مجيد جي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست ڏني وئي، جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو. ٻُڌڻيءَ دوران آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جي نيب گواهه تي جرح لاءِ وقت گُهريو، جنهن تي عدالت استدعا منظور ڪندي ٻُڌڻي 9 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو