121

عائزه خان مذاق اڏائيندڙ مداح کي چپ ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره عائزه خان مذاق اڏائيندڙ مداح کي چپ ڪرائي ڇڏيو، گذريل ڏينهن  اداڪاره ڪورونا ويڪسين جو سرٽيفڪيٽ شيئر ڪيو، جنهن تي هڪ مداح سندس مذاق اڏائيندي کيس چيو ته دنيا کي ٻڌائڻ لازمي آهي؟، جنهن کي جواب ڏيندي عائزه خان چيو ته  دنيا کي ٻڌائڻ لازمي آهي، ويڪسين لڳرائڻ هر شهري جي زميواري آهي، اسان جون زندگيون اهم آهن، ڪنهن جو مذاق اڏائڻ بدران وڃي ويڪسين لڳرايو، عائزه جي جواب کانپوءِ مداح خاموش ٿي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو