حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ روڊ حادثي ۾ هڪ شخص فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. تفصيل مطابق ميرپورخاص روڊ تي رياض العلوم مدرسي ويجهو هڪ ٽرڪ ۽ ويگن جي ٽڪر ۾ هڪ ڄڻو عبدالقيوم فوت ٿي ويو، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. جن کي سول اسپتال حيدرآباد داخل ڪرايو ويو آهي.
