116

عمران خان سميت اهم شخصيتن جي فون هيڪنگ واٽس ايپ جي مدد سان ٿيڻ جا شڪ ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سميت دنيا جي اهم شخصيتن جي فون هيڪنگ ذريعي جاسوسي  واٽس ايپ جي مدد سان ٿيڻ جا شڪ ظاهر  ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ امجد علي خان جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي بچاءَ واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي اختيارين چيو  ته اندازي موجب پيگاسس ٺاهيندڙ اين ايس او جيڪو ڪجهه ڪيو ان ۾ واٽس ايپ شامل هو. پيگاسس جي ذريعي سڄي دنيا ۾ جاسوسي ڪئي وئي، فوج اڳ ئي  وقت سر  ايڪشن ورتو ۽ اسمارٽ فون جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ڪميٽي کي سائبر ڪرائم بابت  بريفنگ ڏني. گهرو ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته دنيا ۾ اسان جي قانون کي قبول نه ڪيو ويندو آهي، اهو هڪ وڏو مسئلو آهي. ان موقعي تي ڊي جي سائبر ڪرائم چيو ته اڳ ڪيترن ئي معاملن ۾ ڪنٽري ٽو ڪنٽري سهڪار نه ٿي سگهندو هو، ايف اي ٽي ايف اچڻ سان هاڻ ڪنٽري ٽو ڪنٽري سهڪار ممڪن ٿي ويو آهي، عالمي سطح تي پوليس رابطي جي اجازت ملي وئي آهي، هاڻ ڊارڪ ويب سائيٽ پورنو گرافي ۽ اهڙي ٻين سائبر ڪرائمز جا اطلاع اسان کي ٻين ملڪن مان ملي رهيا آهن. ڊي جي ايف آءِ اي سائبر ڪرائمز وڌيڪ ٻڌايو ته فيس بڪ، ٽوئيٽر ۽ ٻين اسان کي پورٽل ڏئي رکيا آهن، اسان اُتي شڪايت داخل ڪرايون ٿا پر اسان کي رڳو 34 سيڪڙو جواب ڏنا ويندا آهن، اسان کي رڳو چائلڊ پورنو گرافي جي حوالي سان جواب ڏنا ويندا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو