150

پيار جو پورهيو ”گل ڦل“ اچي ويو آهي

ليکڪ: نياز مسرور بدوي

ٻارن جو پسنديده رسالو ”گل ڦل“ جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو پاران هر مهيني شايع ٿيندو آهي، سو ڪجهه دير سوير سان ڇپجي ويو آهي،گل ڦل جي جون واري شماري ۾ نجمه پنهور ٻارن کي تعليمي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي هدايت ڪندي کين غير نصابي مشغولين ۾ به حصي وٺڻ لاءِ اتساهيندي لکي ٿي ته ٿوري گھڻي ورزش ڪريو، جسماني ورزش ڪرڻ سان اوهان جي ذهني صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو ۽ جسماني طور به مضبوط ۽ چست رهندا، هن شماري ۾ عابد نياز جي تخليق حمد جي صورت ۾ شامل آهي  عابد نياز لکي ٿو ته،

زمين تنهنجي زمان تنهنجو،

مڪان ۽ لامڪان تنهنجو.

چمن برپٽ نديون دريا،

 خلا ۽ آسمان تنهنجو.

اها حقيقت آهي ته قادر پنهنجي قدرت سان اهي سڀ نشان انسانن جي ڀلائي جي لاءِ پيدا ڪيا آهن، تن جو اسان کي قدر ڪرڻ گھرجي ۽ الله سائين جي سدائين ثنا ڪرڻ گھرجي، جنهن اسان کي رهڻ لاءِ هيءَ ڌرتي عنايت ڪئي آهي ۽ زمين منجھان ئي اسان جي کاڌ خوراڪ جو انتظام ڪيو آهي، ادل سومرو جي ڪاوش به نهايت ساراهه جوڳي ۽ سگھاري آهي سندس تخليق ۾ علم جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي علم سواءِ انسان انڌو آهي، علم ئي آهي جيڪو انسان کي عظمت جي منزلن تي رسائي ٿو، رب پاڪ سندس ڏٺل خواب کي ساڀيان جو روپ ضرور عطا ڪندو ۽ سنڌ جو هر ٻالڪ علم کي پنهنجو ڪندي، پنهنجي قوم جي تقدير بدلائيندو، عزيز بلال بروهي پنهنجي شاعري ۾ ٻارن جي تعريف ڪرڻ سان گڏوگڏ کين مستقبل ۾ پيش ايندڙ مسئلن ۽ ذميوارين کان پڻ واقف ڪيو آهي، انهن سرجڻهارن کانسواءِ نوشاد ڀٽي، ريحان ابڙو،”ناز“ نظر علي ويسر، عبدالجبار ”مسافر“ ويسر، ناز سنڌي، وسيم سومرو، ارباب علي ”عادل“ چوهاڻ، سميع ساجد جوڻيجو، محبوب ”مصور“ سومرو، انجم قاضي ۽ صباحت شاهين شيخ پڻ پنهنجي نظمي تخليقن سان گل ڦل ۾ شامل آهن.پروفيسر رشيده ڀٽي جو مضمون ”خوشي جا هارمونز“ شامل آهي، جنهن ۾ مختصر پيرائي ۾ مندن جي ڦير گھير سان انساني بدن تي ٿيندڙ اثرن، ان جي بيمارين، سببن، علاج ۽ ايجادن بابت ڪجهه مختصر ڄاڻ ڏني آهي، پر خوشي جا ڪهڙا هارمونز آهن، تن بابت ڪنهن به قسم جي معلومات مهيا نه ڪئي آهي، لطيف دانش پلي هن ڀيري گرامر جي لفظ ”ظرف“ جي تشريح ڪندي نظر اچي رهيو آهي، اهو سلسلو تعليمي لحاظ کان شاگردن لاءِ ڏاڍو لاڀائتو ثابت ٿيندو، ماضيءَ ۾ باقاعدي اسڪولن اندر گرامر پڙهايو ۽ سمجھايو ويندو هو ۽ ماهر استادن جا لکيل گرامر جا ڪيئي ڪتاب پڻ درجي وار شايع ٿيندا هئا، جن جي اشاعت هاڻ ڏسجڻ ۾ ئي ڪا نه ٿي اچي. پروفيسر عمر مڱريو جو مضمون ”روزي جي فضيلت ۽ ان جا فائدا“ به سٺو آهي، جنهن ۾ روزي جي افاديت ۽ ثواب جي جهجھي ملڻ جا ڏَس ٻڌايا ويا آهن، پر اڳتي سائين جن ٿورڙو آءٌ سمجھان ٿو ته موضوع کان ڪجهه پرڀرا ٿي ويا آهن، تن کي تَسِيا ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي اٿائون، نفس کي لغام وجھڻ ضروري آهي، پر اها ڪرت عام ٻار جي ذهن  جي ڪشادگيءَ کان ڪافي مٿڀري آهي ۽ اها ڪرت صوفين جو شيوو آهي، آئون ذاتي طور سندس پوئين متن سان متفق ٿي نه سگھيو آهيان، کيس فقط ئي فقط روزي جي فضيلت، اهميت ۽ ان جي فائدن کان ٻارن کي واقف ڪرائڻ گھربو هو، بهرحال سندس پنهنجو خيال آهي، هن کي جيئن بهتر ۽ مناسب محسوس ٿيو آهي تيئن ان کي پنهنجي لفظن جي مالها ۾ پوئيو آهي، مٿين مضمونگارن کانسواءِ صحبت علي بلوچ، ريحان علي پنهور ۽ الطاف حسين کوکر جا مضمون پڻ شامل آهن، خالد ڀٽي نهايت سهڻو تخليق ڪار آهي، سندس ڪهاڻين جا خيال نهايت ئي انوکا هوندا آهن، هن ڀيري به سندس ترجمو ٿيل ڪهاڻي بهترين آهي، ڪهاڻي جو موضوع اهڃاڻو آهي جنهن ۾ زندگيءَ جي رنگن جي اهميت کي نروار ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ جَسُ لهڻي، اويس ڀٽو جو ”پوپٽ شينهن“ به آهستي آهستي پنهنجي پڄاڻيءَ ڏانهن وڌي رهيو آهي ڪهاڻي تجسس ڀري ٿي وئي آهي، ڪهاڻي ۾ ڪافي موڙ شامل ٿي ويا آهن جنگ ۽ جدل، همت ۽ حوصلي، غم ۽ ڏک جا لمحا هن دفعي پوپٽ شينهن جي وارتا بيان ڪري رهيا آهن، علي محمد پلهه جي ڪهاڻي پڻ لوڪ ادب جي ذمري ۾ اچي ٿي، مون کي ياد پوي ٿو ته عبدالجبار ”عبد“ جي هڪ ڪتاب جو نالو به ”راڪاس ۽ برڙ باڪاس“ آهي، سڪار جاکرو جي ڪهاڻي به دلچسپ آهي، ان کان سواءِ هن ڀيري گل ڦل ۾ ڪافي شاگردن جا انٽرويوز پڻ شامل آهن، گل ڦل بابت هڪ سروي به شامل آهي جنهن جي پڙهڻ مان اها خبر پوي ٿي ته اڄ جو ٻار تعليم سان گڏ ادب سان به چاهه رکي ٿو. لطيفا، خط، سهڻا سخن، لطيفي لات ۽ سهڻن ٻارن جون سهڻيون تصويرون گل ڦل جي زيب ۽ زينت کي وڌائي رهيون آهن، دعا آهي ته شال گل ڦل سدائين ٻارن جي مُکَ تي مرڪون وکيريندو رهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو