128

2017ع جي آدمشماري ۽ ڪراچي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو انگ…!!

ليکڪ: اسحاق سومرو

آدمشماري 2017ع جي پوري عمل کي پاڪستان بيوروآف اسٽيٽسٽڪس (پاڪستان شمارتي کاتي) طرفان بجا آندو ويو.2017ع جي آدمشماري تي سنڌ جي مک پارٽين پاڪستان پيپلز پارٽي، متحده قومي موومينٽ توڙي ٻين پارٽين سنڌ صوبي جي جاري ڪيل انگن اکرن کي قبول نه ڪيو، ان تي احتجاج ڪيو ويو، پ پ طرفان ان کي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (سي سي آءِ) توڙي سينيٽ  آف پاڪستان ۾کنيو ويو، ٻئي طرف ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ صرف ڪراچي جي آدمشماري ڪرائڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪرائي، پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي هر آدمشماري ۾ اهو ظاهر ٿيندو رهيو آهي ته پوري سنڌ صوبي ۽ خاص طور تي ڪراچي ۾ ٻين صوبن ۽ غير ملڪين جو وڏو تعداد هر وقت سولائي سان اچي نه رڳو سڪونت اختيار ڪري ٿو پر غير ملڪي جن ۾ افغاني، برمي ۽ بنگالي شامل آهن، اهي سڃاڻپ ڪارڊ به آساني سان ٺهرائي هتان جي شهريت پڻ حاصل ڪري چڪا آهن. هو هتان جي بلدياتي، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ جي چونڊن ۾ به ڪامياب ٿيندا رهيا آهن، آدمشماري ۾ ڌارين جي لڳاتار واڌ جي ڪري سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن سنڌين ۾ اقليت ۾ بدلجڻ جا خدشا وڌي رهيا آهن، پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي ويب سائيٽ تي رکيل 2017ع واري آدمشماري جي تازن تفصيلن مان معلوم ٿئي ٿو ته پوري صوبي ۽ خاص طور تي ڪراچي ۾ ٻين صوبن مان اچي هتي رهندڙن ۾ واڌ ٿي آهي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن جي سنڌ جي هر ڊويزن ۾ واڌ ظاهر ڪري ٿي ته نه صرف ڪراچي ۾ پر صوبي جي ٻين علائقن ۾ پڻ ٻين صوبن جي ماڻهن ۾ واڌارو رڪارڊ ٿيو آهي،  بيوروآف اسٽيٽسٽڪس جي ويب سائيٽ تي رکيل انگن اکرن موجب ڪراچي ڊويزن جي ڪل آبادي هڪ ڪروڙ 60 لک 24 هزار 994 ڄاڻائي وئي آهي، جنهن مطابق سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 17 لک 9 هزار 877  آهي جيڪو ڪراچي جي سموري آبادي جو 10.67 سيڪڙو ٿئي ٿو، 1998ع جي آدمشماري ۾ ڪراچي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 7.22 سيڪڙو هو، 20 سالن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن ۾ صرف 3.45 سيڪڙو جي معمولي واڌ ٿي آهي، ڪراچي جنهن لاءِ سمجهيو پئي ويو ته اتي سنڌين جو انگ ڪافي وڌيو آهي اهو درست ثابت نه ٿيو، ڪراچي ڊويزن ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو تعداد 67 لک 79 هزار 142 آهي جيڪو ڪل آبادي جو 42.30 سيڪڙو ٿئي ٿو 1998ع جي آدمشماري ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو حصو 48.52 سيڪڙوهو جنهن ۾ 2017ع ۾ 6.22 سيڪڙو جي رڪارڊ گھٽتائي ٿي آهي، پشتون آبادي 24 لک 6 هزار 11 ٻڌائي وئي آهي جيڪا ڪراچي شهر جو 15.01 سيڪڙو ٿئي ٿي، 1998ع جي آدمشماري ۾ پشتون آبادي  11.42سيڪڙو هئي، جنهن ۾ هاڻي 3.59 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، پنجابي ڳالهائيندڙن جي آبادي 17 لک 19هزار 663 آهي جيڪا ڪراچي جي آبادي جو 10.73 سيڪڙو ٿئي ٿي، 1998ع جي آدمشماري ۾ پنجابي ڳالهائيندڙن جو ڪراچي ۾ تعداد 13.94 سيڪڙو هو، جنهن ۾ 3.21 سيڪڙو جي غير معمولي گھٽتائي آئي آهي، سرائيڪي ڳالهائيندڙن جو تعداد ڪراچي ۾ 7 لک 98 هزار 31 ٻڌايو ويو آهي جيڪو آبادي جو 4.97 سيڪڙو آهي جيڪو پڻ 1998ع ۾ 2.11 سيڪڙو هو، ان ۾ 2.86 سيڪڙو واڌ آئي آهي جيڪا گذريل 20 سالن ۾ ٻيڻ کان به وڌيڪ آهي، ڪراچي ۾ بلوچي ڳالهائيندڙن جو انگ 6 لک 48 هزار 964 آهي جيڪو 4.04 سيڪڙو آهي، 1998ع جي آدمشماري کان  0.30 سيڪڙو گھٽ آهي، اهڙي طرح براهوي ڳالهائيندڙن جو تعداد 96 هزار 120 آهي جيڪو ڪراچي جي آبادي جو 0.60 سيڪڙو ٿئي ٿو، ڪشميري ٻولي ڳالهائيندڙن جو تعداد 63 هزار 784 آهي جيڪو 0.39 سيڪڙو آهي، هندڪو زبان ڳالهائيندڙن جو تعداد 6 لک 79 هزار 539 آهي يعني 4.24 سيڪڙو ٿئي ٿو، 2017ع جي آدمشماري جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ڪراچي شهر ۾ سنڌي، پشتو، سرائيڪي ۽ هندڪو ڳالهائيندڙن جي آبادي ۾ گذريل 20 سالن ۾ واڌ ٿي آهي، جڏهن ته اردو، پنجابي ۽ بلوچي ٻوليون ڳالهائيندن جي آبادي ۾ گهٽتائي ظاهر ٿي آهي، هاڻي ڪراچي ۾ بلوچي ڳالهائيندڙن کان وڌيڪ سرائيڪي ۽ هندڪو ٻولي وارا رهن ٿا، 2017ع جي آدمشماري ۾ ڪراچي ۾ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ ۾ نمايان گهٽتائي ظاهر ٿي آهي، ٻين ٻولين جي معنيٰ اها ورتي ويندي آهي ته اهي افغاني، برمي، بنگالي يا جن جو مٿيون ٻوليون نه آهن اهڙي طرح صوبي جي ڪراچي کان سواءِ ٻين ڊويزنن ۾ انهن ٻين ٻولين ڳالهائڻ وارن جي نشاندهي ٿيڻ پڻ ڳڻتي جوڳو آهي، جنهن جي ڄاڻ ضرور ٿيڻ کپي ته اهي (ٻيا) ڪير آهن؟  حيدرآباد ڊويزن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 87 لک 20 هزار 377 آهي. اردو ڳالهائيندڙ 11 لک 21 هزار 140، بلوچي 74 هزار391، پشتو ڳالهائيندڙ هڪ لک 30 هزار 780، سرائيڪي 91 هزار 810، پنجابي 2 لک 68 هزار 532، ڪشميري 3 هزار 305، براهوي 38 هزار 945  ۽ هندڪو ڳالهائيندڙن جو حيدرآباد ڊويزن ۾ تعداد 39 هزار 945 آهي، جڏهن ته ٻين رهواسين جن جو انگ هڪ لک 7 هزار 334 ظاهر ڪيو ويو آهي، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ 58 لک 19 هزار 11، اردو ٻولي وارا 34 هزار 881، پنجابي 22 هزار 414، بلوچي هڪ لک 19 هزار 24، سرائيڪي 52 هزار713، براهوي هڪ لک 23 هزار 348، هندڪو 3 هزار 363، ڪشميري 331،  پشتو 10 هزار 219 ۽ ٻين رهاڪن جو ڳاڻيٽو 5 هزار 649 آهي. سکر ڊويزن ۾ سنڌين جو تعداد 50 لک 84 هزار 614، اردو ڳالهائيندڙ هڪ لک 96 هزار 435، پنجابي هڪ لک 10 هزار 569، پشتو 24 هزار245، بلوچي 34 هزار 726، سرائيڪي 54 هزار 32، هندڪو 8 هزار 910، براهوي 17هزار 754، ڪشميري 831 ۽ ٻيا 10 هزار 118 ماڻهو رهن ٿا، شهيد بينظير آباد (نوابشاهه) ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو انگ 43 لک 73 هزار 646، اردو ڳالهائيندڙ 3 لک 69 هزار 646، پنجابي 2 لک 72 هزار 359، پشتو 27 هزار 524، بلوچي 57 هزار 611، سرائيڪي 52 هزار 680، ڪشميري هڪ هزار 2، براهوي 65 هزار 265، هندڪو 15 هزار 839، جڏهن ته ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن جو مجموعي تعداد 39 هزار 700 ٻڌايو ويو آهي، ميرپورخاص ڊويزن ۾ سنڌي ٻولي وارن جو تعداد 37 لک  69 هزار 239، اردو ڳالهائيندڙ 2 لک 6 هزار  472، پنجابي هڪ لک 49 هزار 403، پشتو 15 هزار 11، بلوچي 21 هزار 764، سرائيڪي 18 هزار 485، براهوي 6 هزار 582، ڪشميري 483، هندڪو 6 هزار 677 ۽  ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن ۾ 28 هزار 892 ماڻهو ڄاڻايا ويا آهن،  2017 ع جي آدمشماري ۾ براهوي، هندڪو ۽ ڪشميري ٻولين جي ڳڻپ ۾ اچڻ کانپوءِ هندڪو زبان ڳالهائيندڙن جو  پوري صوبي سنڌ ۾ تعداد  7 لک 53 هزار 736 ڄاڻايو ويو آهي جيڪو ڪراچي شهر کانسواءِ ٻين ڊويزنن ۾ به واضح نظر اچي ٿو، ان کانسواءِ سڀني ڊويزنن ۾ بلوچي، براهوي، سرائيڪي ۽ پنجابين پڻ پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي ٻولين سان ڪرائي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو