111

آخر قبائلي جهيڙا ڪير ختم ڪرائيندو؟

ليکڪ: حاڪم نصيراڻي

تاريخ جي ورقن جي جڏهن به اٿل پٿل ٿيندي ته بطور سنڌي قوم اسان جو ڳاٽ فخر سان اوچو نظر ايندو، ڇو ته جڏهن انسان ترقي جي گس جا متلاشي هئا تڏهن اسين ترقي يافتا هئاسين، جڏهن انسان جسم کي ڍڪڻ لاءِ پنن جو استعمال ڪندا هئا تڏهن اسين بهترين ڪپڙا پائيندا هئاسين، جڏهن انسان پاپي پيٽ جي بک اجهائڻ لاءِ مختلف ڪچيون شيون کائيندا هئا تڏهن اسين ڪڻڪ جي پڪل ماني کائيندا هئاسين، جڏهن انسان غارن ۾ رهندا هئا تڏهن سنڌي پڪين سرن جي ڇت هيٺان سڪون جي ننڊ ڪندا هئا. سنڌ سڄي فطري سونهن جو اهڃاڻ هئي، سنڌي ميٺ محبت، درگذر، محنت ڪش ۽ مهمان نواز قوم طور سڃاتا ويندا هئا. هڪ بهترين ۽ سلجهيل ماضي جا وارث سنڌي هن وقت قبائلي جهيڙن جي ور چڙهيل آهن. قبائلي جهيڙن جو ڪارو ڪاريهر ڪر هڻي سڄي سنڌ کي ڏنگي رهيو آهي، شايد ئي ڪو اهڙو علائقو هجي جتي رت جي راند نه پئي هلي. خاص طور تي اتر سنڌ ۾ ته اهو ڏينهن خالي ناهي جنهن ڏينهن ڪنهن ماءُ جي جهولي خالي نه ٿي هجي، ڪنهن وني جو ور نه ڪٺو ويو هجي، ڪنهن ٻار کان شفقت جي ڇانوَ نه کسي وئي هجي. قبائلي جهيڙن جي ڪري سڄي علائقي ۾ ڏهڪاءُ ۽ خوف جي خاموشي جو ڀيانڪ ڏيک نظر اچي رهيو آهي، هرڪو پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ٿو، اسڪولن جي ويراني سان نسلن جي شعور جو قتلام ٿيندو رهي ٿو، صحت جون بنيادي سهولتون ڄڻ ته علائقي کان رسي ويون هجن، امن جي پکي جي لامار حد نگاهه کان پري هلي وئي آهي. هن جديد دور ۾ جتي انسان پنهنجي زندگي کي جديد طرز سان گذارڻ جا خواب ڏسي ٿو اتي اسين موت جو جديد سامان (هٿيار) خريد ڪرڻ کي اهميت ڏيون پيا. قبائلي جهيڙن جو اثر سڄي تر تي پئي ٿو، ترقي جو ڦيٿو جام ٿي وڃي ٿو، بدامني عروج تي ٿي وڃي ٿي، ڏوهن تي ضابطو آڻڻ مشڪل ٿي پئي ٿو، شريف ماڻهن لاءِ گهر کان نڪرڻ مشڪل ٿئي ٿو. هاڻي ڏسڻو اِهو آهي ته آخر سنڌ مان اهي قبائلي جهيڙا ختم ڇو نه پيا ٿين؟ آخر اها ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن جي ڪري ماڻهو مرڻ مارائڻ تي تيار ٿي وڃن ٿا؟ حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اسين ڪنهن نه ڪنهن راڄ ڀاڳ، ذات برادري سان وابسطه آهيون، هر ذات برادري جون واڳون وري به ڪنهن نه ڪنهن سردار جي هٿ ۾ هونديون آهن، سردار ڀل ڪيڏو به طاقتور ڇو نه هجي، ڪنهن نه ڪنهن پير ۽ مرشد جو مريد ضرور هوندو آهي، راڄ ڪڏهن به سردار کان ٻاهر ناهي ويندو، ڇو ته سردار ئي راڄ جي طاقت جو سرچشمو هجي ٿو، جيئن ته سنڌ سڄي پيرن فقيرن جي نگري آهي، سو ڪنهن به پير فقير جي ڳالهه کي ٽارڻ پاڻ لاءِ عذاب الاهي کي دعوت ڏيڻ جي برابر سمجهندا آهيون، ان ڪري سردار وري ڪنهن نه ڪنهن پير ۽ مرشد جا اهڙا ته معتقد هوندا آهن جو سندن چيل هر حرف کي الهامي حڪم مڃي ناهن ٽاريندا. هاڻي جڏهن اسين آهيون ئي پيرن فقيرن ۽ سردارن جا فرمانبردار تنهن هوندي به اهو قبائلي جهيڙن جو قهر ختم ڇو نه پيو ٿئي. اسان وٽ ڪجهه ماڻهو اهڙا به آهن جن جو خيال آهي قبائلي جهيڙن جو مک ڪارڻ هوندا ئي سردار آهن جيڪي نه چاهيندا آهن ته علائقي ۾ امن هجي، سندن راڄ ڀاڳ ائين جهيڙن جهڳڙن ۾ ڦاٿل هجي، راڄ جا ٻار تعليم جهڙي زيور کان محروم هجن، سٺن روڊ رستن ۽ بنيادي سهولتن جي گهر نه ڪن، جيئن حڪومت پاران ملندڙ اسڪيمون هڙپ ڪيون وڃن. پوليس جي ٻڌ ڇوڙ ۾ سندن زندگي جو وهنوار هلندو رهي، سندن اوطاقون آباد هجن. چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا جيترو جهيڙو سخت هوندو ماڻهو وڌيڪ مرندا اوترا انهن سردارن جا ٺٺ هوندا آهن، ڇو ته جهيڙاڪ ماڻهن کي جديد هٿيار خريد ڪري ڏيڻ ۾ به انهن جي خرچي پاڻي مقرر هوندي آهي، جيڪڏهن اهي ڏوهه ڪن ته ان ۾ به سندن حصو مقرر هجي ٿو. هاڻي سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن اهي سردار نه ٿا چاهن ته سندن برادري امن سان رهي پوءِ اتي سرڪار جي رٽ جو هجڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو. قبائلي جهيڙن وارا علائقا اڪثر ڪري نوگو ايريا تصور ڪيا ويندا آهن، انهن علائقن ۾ پوليس جو پهچڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ تصور نه ڪبو، پوليس لاءِ به اسان وٽ اهو چيو ويندو آهي ته انهن قبائلي جهيڙن جو مک ڪارڻ پوليس کي سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ڪنهن برادري جو ماڻهو قتل ٿيندو آهي ته پوليس ڳري رقم وٺي مک جوابدارن ۾ هٿ ناهي وجهندي، جنهن ڪري متاثر ڌر بدلي جي باهه ۾ سڙندي مخالفن جو وڏو نقصان ڪري وجهندي آهي ۽ ائين آهستي آهستي ڀنڀور کي باهه لڳي وڃي ٿي ۽ پوليس جي به ٻيگهي پئي ٿئي، ڀل ڪير به مري پوليس جا پئسا کرا. هاڻي وقت تبديل ٿيو آهي، ڪجهه برادرين جا سردار پنهنجي شرافت ۽ خدا ترسي جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا، وري ڪجهه اهڙا به نوجوان پوليس آفيسر آيا آهن جيڪي پئسي کان وڌيڪ عوام جي جان، مال ملڪيت ۽ عزت کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا، ان ڪري انهن سردارن، پيرن ۽ آفيسرن کي گهرجي ته سنڌ مان قبائلي جهيڙن جي خاتمي لاءِ جوڳا اپاءَ کڻن،  برادرين کي به گهرجي ته اجائي انا ۽ نفرت جي چڪي ۾ پنهنجي نسلن کي نه پيهن، جيئن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي، هرطرف خوشين جا ميلا مچن، اوطاقون آباد ٿين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو