ليکڪ: طفيل مگسي
اڄڪلهھ سڄي دنيا ۾ نفسياتي مرضن ۽ مسئلن ۾ جيڪي ملڪ سرفهرست آھن انهن ۾ پهرين نمبر تي چين، ٻين نمبر تي ڀارت،ٽئين نمبر تي آمريڪا،چوٿين نمبر تي برازيل، پنجين نمبر تي روس، ڇهين نمبر تي انڊونيشيا،ستين نمبر تي پاڪستان، اٺين نمبر تي نائيجيريا،نائين نمبر تي بنگلاديش ۽ ڏھين نمبر تي ميڪسيڪو آھن چوڻ جو مقصد ته دنيا جي انهن ملڪن ۾ پاڪستان به شامل ٿي چڪو آھي، ڏٺو وڃي ته اڄ جي جديد دور ۾ بهترين سهولتن ۽ آسائشن جي باوجود انسان ڪنهن نه ڪنهن مسئلي جي سبب کان ڊپريشن يا ذھني مرضن جو شڪار ضرور آھي، بقول صحت جي عالمي اداري جي ته سڄي دنيا ۾ 45 ڪروڙ کان وڌيڪ فرد ڪنهن نه ڪنهن دماغي مرض ۾ مبتلا آھن، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ دماغي بيماريون ڊپريشن ۽ شيزوفرينيا آھن، هڪ اندازي مطابق هن وقت پاڪستان ۾ 5 ملين يعني 5 ڪروڙن کان وڌيڪ فرد مختلف قسمن جي نفسياتي بيمارين ۽ ڊپريشن جو شڪار آھن، ڊپريشن ڇڪتاڻ يا ذھني مرضن جي نشانين ۾ مسلسل پريشان ۽ اداس ٿيڻ، نا اميدي جون ڳالهيون ڪرڻ، پنهنجو پاڻ کي بي سهارو ۽ بي يارو مددگار محسوس ڪرڻ، پريشان رهڻ، مختلف سماجي سرگرمين ۾ حصو نه وٺڻ، ٿڪاوٽ، ڪم ۾ دلچسپي نه وٺڻ،بي ڌياني، ياداشت جو ڪمزور ٿيڻ، غلط فيصلا ڪرڻ، صبح جو ڀنڀرڪي ڌاري اٿڻ، يا حد کان وڌيڪ سهمڻ، وزن جو گهٽ ٿيڻ يا وڌڻ، خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ، موت کي مٿي تي سوار ڪرڻ، بي آرامي واري ڪيفيت ۽ ڪي اهڙا مرض جيڪي دوائن جي مسلسل استعمال سان به ٺيڪ نٿا ٿين، اهي سڀ ذھني مرضن جو نشانيون آھن، پاڪستان ۾ ماڻھن جي ذھني صحت کي پيش آيل سنگين چيلنجز جي باوجود هتي ذھني مرضن جو علاج حڪومتي اوليتن ۾ نهايت ئي پوئتي آھي، حڪومت جيڪا پنهنجي مجموعي بجيٽ جو نهايت گهٽ حصو صحت تي خرچ ڪري ٿي ۽ صحت جي بجيٽ جو نهايت ئي گهٽ حصوذھني مريضن جي علاج جي لاءِ خرچ ڪيو وڃي ٿو،پاڪستان جي 22ڪروڙ عوام جي مرضن جي علاج جي لاءِ 500 جي ويجهو تربيت يافتا ڊاڪٽر موجود آھن، جيڪي قطعي طور تي ڪافي ناهن،پاڪستان ۾ صحت جو شعبو هينئر صوبن جي حوالي ڪيو ويو آھي،پر هينئر تائين ڪنهن به صوبي ذھني مرضن جي علاج جي لاءِ مينٽل هيلٿ ايڪٽ ئي پاس ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن صوبي ۾ مينٽل ھيلٿ اٿارٽي قائم ڪئي وئي آھي، ماهرن مطابق مزاج ۾ چڙ،ڪاوڙ،اداسي،ننڊ ۽ بک جو ڊسٽرپ ٿيڻ،گهٽ وڌ وزن، اعتماد ۾ کوٽ۽ مايوسي ذھني صحت جي متاثر ٿيڻ جون نشانيون ٿي سگهن ٿيون، اهڙي صورت ۾ ڪنهن نئين حڪيم جي علاج يا ٽوڻي ڦيڻي جي بدران ڪنهن ڪنسلٽ ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ کپي،ماهرن جو اهو به چوڻ آھي ته سماجي رابطن کي واڌارو ڏيڻ ڪري،قناعت پسندي ۽ سادگي کي پنهنجين زندگين ۾ رواج ڏئي، جسماني ورزش ۽ تفريحي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ سان ذھني صحت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، ذھني مرضن ۾ واڌاري وارن ڪافي سببن منجهان هڪ سبب معاشرتي ۽ سماجي بي انصافي آھي، بنا محنت جي ترقي جا رستا ڳولڻ،مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن ۾ اھا بيماري70 سيڪڙو ملي ٿي،پاڪستاني عورت اڻبرابري ۽ سماجي توڙي رواجي ڏاڍ جو شڪار آھي، ڪٿي ڪٿي ڀي ڍنگن يا جانور صفت ماڻھن سان رهڻ تي مجبور آھي ۽ ڪٿي ته اها تسليم ئي نٿي ڪئي وڃي جيڪوعمل ان جي ذات وارن مثبت روين کي ڳڙڪائي وڃي ٿو۽ پوئتي رهجي ويل عورت پنهنجي ڀرپاسي جي فردن ايستائين ته سڳي اولاد جي لاءِ به ناقابل برداشت ٿي وڃي ٿي، ٻي پاسي اسان جي مردن جو هڪ وڏو انگ پنهنجي ڪاوڙ پنهنجي گهر جي عورتن تي ڪڍندو آهي، جنهن ۾ جسماني ۽ ذھني تشدد ۽ گارگند پڻ شامل آھن، جڏھن ته عالمي وبا ڪورونا وائرس جي ڪري به سڄي دنيا ۾ عورتن مٿان گهريلو تشدد ۾ تمام گهڻو واڌارو ڏٺو ويو آھي ۽ طلاق جو انگ پڻ وڌي رهيو آھي، مون ته اهڙا ڪافي گهر ڏٺا آھن ۽ انهن گهرن جي عورتن جو مشاھدو پڻ ڪيو آھي جيڪي پنهنجي اندر جي باهه پنهنجن ٻارڙن تي ڪڍي ٿيون، دانهون ڪوڪون ۽ رڙيون ڪن ٿيون ۽ هر وقت پنهنجي منهن ڀڻ ڀڻ ڪنديون رهن ٿيون، مقصد ته جيستائين سمهن نه ٿيون انهن جا پاڙيسري کانئن کان خفا رهن ٿا پر جيڪڏھن ڪو کين سمجهائي
ٿو ته وڌيڪ تپي باهٿي وڃن ٿيون.جيڪا اصل ۾ ڊپريشن جي نشاني آھي ان کانسواءِ عورتون خودمختياري جون به خواهشمند هونديون آھن ۽ ان جي ناموجودگي انهن کي انتها پسندي ڏانهن وٺي وڃي ٿي جنهن جو اڪثر شڪار ٻارڙا ٿيندا آھن اهڙي خودمختياري جيڪا کين نه شادي کان اڳ ملي ٿي ۽ نه شادي کانپوءِ، خواهش جي پوري نه ٿيڻ تي پڻ چڙ وٺي ٿي جنهن سبب رشتن کي اهي پيرن جا زنجير سمجهن ٿيون۽ اولاد کي بار سمجهن ٿيون، واضح رهي ته جيڪو معاشرو مرد جي برتري جو قائل هجي اتي ائين ٿيڻ آسان ناهي، جڏھن ته هڪ پڙھيل لکيل ۽ سمجهدار عورت ڪڏھن به اهڙو رويو اختيار نٿي ڪري، هڪ ٻي اسٽڊي مطابق اهي عورتون جيڪي گهٽ پڙھيل لکيل هئڻ سان گڏ اپ ڊيٽ جو شڪار هونديون آھن انهن ۾ برتري جي ان خواهش جو تمام گهڻو عنصر موجود هوندو آھي، اهڙين روين واريون مائرون پنهنجن ٻارڙن سان شفقت ناهن رکنديون ۽ ماءُ طرفان ٿيدڙ ذھني ۽ جسماني تشدد انهن ٻارڙن ۾ بگاڙ جو سبب بڻجي ٿو،جيڪو عمر جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ سامهون اچي ٿو ۽ پوءِ اھي ٻارڙا ٻين جي لاءِ تڪليف جو ڪارڻ بڻجي وڃن ٿا،منهنجي مشاھدي جي مطابق پيءُ طرفان مارڪٽ جي مقابلي ۾ ماءُ طرفان مارڪٽ واري روش ٻارڙن جي لاءِ وڌيڪ مسئلن ۽ مونجهارن جو سبب بڻجي ٿي، نه صرف اهو پر اهڙا ڪافي ٻيا به مسئلا ۽ مونجهار آھن جيڪي معاشري کي ڏينهون ڏينهن اهڙي پاسي ڌڪي رهيا آھن جتان واپسي جي اميد نهايت گهٽ لڳي ٿي.