131

سنڌ حڪومت پاران قبائلي جهيڙا ختم ڪرائڻ جو اهم فيصلو…

ايڊيٽوريل

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو آهي. جاري ڪيل پريس رليز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪشمور ۾ سبزوئي-چاچڙ تڪرار تان 15 مئي تي 12 ماڻهو قتل ڪيا ويا، جڏهن ته شڪارپور ۾ هلندڙ تيغاڻي-بجاراڻي تڪرار ۾ هِن وقت تائين 26 ڄڻا مارجي چڪا آهن ۽ ٻيا به ڪيترائي جهيڙا هلندڙ آهن، جنهن سبب علائقا ڌاڙيلن جي نرسري بڻجي چڪا آهن. وڏي وزير ان موقعي تي حڪم ڏنو ته قبائلي جهيڙن کي ختم ڪرائڻ لاءِ سياسي اثر رسوخ استعمال ڪري سردارن کي ذميواريون سونپيون وڃن. هن چيو ته پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کي قبائلي تڪرار روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکڻ گهرجي. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته 2021ع دوران گهوٽڪي ۾ 89، سکر ۾ 75، ڪشمور ۾ 68 ۽ شڪارپور ۾ 89 مقابلا ٿيا، جن ۾ 49 گروپن جو خاتمو ڪري 16 ڌاڙيل ماريا ويا. سکر مان 9، ڪشمور مان 4، شڪارپور مان 83 مغوين کي بازياب ڪرائي 42 جوابدار گرفتار ڪيا ويا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪچي ۾ هلندڙ آپريشن ۾ 583 ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه چئلينجز به هئا، جن ۾ ڏوهارين کي هٿيار ۽ گولا بارود جي فراهمي، درياهه پار ڏوهارين جي چرپر کي روڪڻ لاءِ غير مؤثر نظام، اغوا جي نون رجحانن، جنهن ۾ عورتاڻي آواز ذريعي انهن کي هرکائي اغوا ڪرڻ شامل آهن، جنهن تي وڏي وزير آءِ جي کي درياهي پوليس ٺاهڻ جو منصوبو تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن صوبائي وزير ناصر شاهه کي هدايت ڪئي وئي ته هُو ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل سان ڪچي جي ڳوٺن تائين روڊ ٺاهڻ لاءِ تفصيلي منصوبو تيار ڪري. سيد مراد علي شاهه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته اُهي پابندي مڙهيل تنظيمن جي ڌاڙيلن سان ڳٺ جوڙ ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻن. هن چيو ته هِي هڪ نئون ۽ اڀرندڙ خطرو آهي، جنهن کي لوهي هٿن سان منهن ڏيڻو پوندو. اسان سمجهون ٿا ته شايد پهريون ڀيرو سنڌ حڪومت هڪ انتهائي اهم، سنجيده ۽ سنڌ جي ڪافي وقت کان ٻرندڙ مسئلي کي ڪنهن اهم اجلاس ۾ ايڊريس ڪيو آهي. ڪافي وقت کان سنڌ اندر وڌندڙ قبائلي تڪرارن سبب هڪ سخت بي چيني واري لهر موجود آهي ۽ سنڌ جو تقريبن هر فڪر جو ماڻهو ان ڳڻتيءَ ۾ مبتلا آهي ته نيٺ اهڙن جهيڙن جي خاتمي لاءِ صوبائي حڪومت ڇو سنجيده نه ٿي ٿئي. اسان سنڌيءَ جي ان چوڻي ته ”ڀلي ڀلي ڀاڻ آئي“ وانگر دير سان ئي سهي پر ان اهم مسئلي طرف ڌيان ڏيڻ واري سنڌ حڪومت جي قدم جي آجيان ڪندي چئون  ٿا ته جيڪڏهن سرڪار سنجيده ٿي قدم کڻي ته اسان انساني نسل جي تباهي جو ڪارڻ بڻيل ان مسئلي مان جان آجي ڪرائي سگهون ٿا. اسان اڳ به لکي چڪا آهيون ته هي معاملو سردارن، پوليس ۽ حڪومت جي گڏيل ڪوششن سان ئي حل ٿي سگهي ٿو پر شرط اِهو آهي ته ان ۾ ڪنهن به سردار سان نرمي ۽ رعايت نه ڪئي وڃي ۽ جنهن به علائقي ۾ جيڪو به چڱو مڙس جهيڙن جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا نه ڪري ان خلاف سخت قدم کنيا وڃن. گڏوگڏ قبائلي تڪرارن وارن علائقن ۾ بي رحم آپريشن ڪري ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ بي هٿيار ڪيو وڃي ته جيئن انهن وٽ ماڻهن کي مارڻ وارا هٿيار موجود نه رهن ۽ امن به تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن قتلن ۾ ملوث سمورن ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو