112

صدر ڊاڪٽر عارف علوي سنڌ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سنڌ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 175 اي تحت ايڊيشنل ججن جي مقرري ڪئي. صدر سنڌ هاءِ ڪورٽ لاءِ جسٽس مسز راشده اسد، جسٽس عبدالمبين لاکو ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي جي نالن جي منظوري ڏني جڏهن ته پشاور هاءِ ڪورٽ لاءِ جسٽس صاحبزاده اسد الله، جسٽس محمد نعيم انور ۽ جسٽس وقار احمد جي نالن جي منطوري ڏني وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو