114

يمن ۾ مسافر بس بارودي سرنگ سان ٽڪرائجي وئي، 4 ڄڻا مارجي ويا، 11 زخمي

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن جي سامونڊي ڪناري واري شهر الحديده ۾ مسافر بس بارودي سرنگ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي جڏهن ته 11 زخمي ٿي پيا. رپورٽ مطابق يمن جي هڪ سرڪاري عهديدار ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته الحديده جي ڏکڻ واري ضلعي دوريمي ۾ حوثي باغين طرفان وڇايل بارودي سرنگ سان مسافر بس ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ۽ 11 زخمي ٿي پيا. هن وڌيڪ چيو ته حوثي باغين بارودي سرنگ جي ڌماڪي کانپوءِ انڌا ڌند فائرنگ شروع ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ پسگردائي واري علائقي ۾ ڪجهه رهائشي گهرن کي نقصان پهتو جڏهن ته ڪيترائي شهري زخمي پڻ ٿي پيا آهن. ريسڪيو ٽيم لاشن ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو