لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ٽي وي ڊرامن جي مشهور ليکڪ خليل الرحمان قمر هڪ دفعو ٻيهر پاڪستاني فنڪارن بابت مناسب ريمارڪس ڏنا آهن، جنهن سان نئون بحث شروع ٿي ويو آهي، خليل الرحمان قمر هڪ ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي شو دوران کيس مختلف اداڪارائن توڙي اداڪارن جون تصويرون ڏيکاريون ويون، فهد مصطفيٰ جي تصوير ڏيکارڻ تي هن پهرين کيس سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو، بعد ۾ کيس پنهنجو سٺو دوست قرار ڏنو، اداڪار فيروز خان بابت هن چيو ته مون کي اميد نه هئي ته هو سٺو اداڪار ٿي سگهندو، ماضي ۾ مون کيس آڊيشن دوران گهر موڪلي ڇڏيو هو پر هاڻ جلد اسان هڪ منصوبي تي ڪم ڪندي نظر اينداسين، خليل الرحمان قمر اداڪار ياسر حسين کي به سڃاڻڻ کان انڪار ڪندي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته مشهور صحافي ۽ اينڪر حامد مير بابت خليل الرحمان چيو ته هو ان سان سخت نفرت ڪندو آهي، خليل الرحمان قمر اداڪاره وينا ملڪ، بشريٰ انصاري، ماريا واسطي جي تعريف ڪندي کين بهترين اداڪار ڪوٺيو، جڏهن ته عفت عمر جي تصوير ڏيکارڻ تي خليل الرحمان چيو ته عفت عمر اها عورت آهي، جنهن سان هو نفرت به نٿو ڪري، ڇو ته هو ان جي قابل به ناهي، ماهره خان بابت خليل الرحمان ريمارڪس ڏيندي چيو ته هن کي سڄي زندگي ڏک رهندو ته هن ماهره خان سان ڊرامي ۾ ڪم ڪيو، خليل الرحمان قمر اداڪاره سونيا حسين ۽ ريشم کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته ريحام خان بابت هن چيو ته کيس مٿس رحم ايندو آهي.
149