113

پيٽرول هڪ رپيو 71 پئسا مهانگو،ايل پي جي به 10 رپيا في ڪلو مهانگي ٿي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيٽرول هڪ رپيو 71 پئسا مهانگو،ايل پي جي به 10 رپيا في ڪلو مهانگي ٿي وئي. رپورٽ موجب وفاقي حڪومت اوگرا جي سفارش تي پيٽرول جي قيمت ۾هڪ رپيو 71 پئسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي، جڏهنت ه ڊيزل جون قيمتون برقرار رکيون ويون آهن،  هوڏانهن پيٽرول مهانگو ٿيڻ کانپوءِ نيون قيمتون 119 رپيا 80 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي، جڏهن ته نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پهرين آگسٽ کان قيمت لاڳو ٿيندي، وزيراعظم جي سياسي رابطن بابت خصوصي معاون شهباز گل چيو آهي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 116 رپيا 13 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل جي قيمت 84 رپيا 67 پئسا برقرار ٿي وئي آهي، هوڏانهن  مارڪيٽ ڪمپنين ايل پي جي قيمت ۾10 رپيا في ڪلو واڌ ڪري ڇڏي آهي،اوگرا جي نوٽيفڪيشن کانسواءِ قيمت وڌائي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ايل پي جي جي قيمت 180 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو