اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي عوام کان جمهوري حق کسيو ويو،وڌيڪ پئسي وارا وزيراعظم ۽ اسپيڪر بڻجندا، زرداري هائوس اسلام آباد ۾آزاد ڄمون ڪشمير ۾ چونڊجي آيل اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته ڪوشش هوندي ته اپوزيشن گڏيل اسٽريٽجڪ جوڙي گڏجي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين، آزاد ڪشمير چونڊن ۾ڌانڌلي ٿي آهي،چونڊن ۾پئسو هلايو ويو،هاڻي حڪومت کي کلي کيڏڻ جو موقعو نه ڏنو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير عوام جي حقن لاءِ جنگ وڙهنداسين،وفاقي حڪومت اليڪشن ڪميشن جي حڪمن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو هو، پيپلزپارٽي جمهوري ۽ پارلياماني سياست تي يقين رکي ٿي،آزاد ڪشمير ۾پئسن جي بنياد تي جعلي حڪومت ٺاهي پئي وڃي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته سنڌ جو عوام ڄاڻي ٿو ته وزيراعظم صوبي جي حقن تي ڌاڙو هڻندو، وزيراعظم سنڌ جي پاڻي جي حصي ۾پاڻي جي هڪ ڦڙي جو به اضافو ناهي ڪيو.
