ملير (ويب ڊيسڪ) ملير جي علائقي سمون ڳوٺ مان ميمڻ ڳوٺ پوليس هٿان هڪ سال اڳ منشيات واپرائڻ جي ڏوھ ۾ گرفتار 22 ورهين جو نوجوان عمران پٽ پير محمد ملاح ملير ڊسٽرڪٽ جيل ۾ وفات ڪري ويو، پوليس موجب جوابدار کي ڪاري ڪامڻ هئي، جيڪو علاج هلندي اسپتال ۾ فوت ٿيو آھي، هوڏانهن فوتي نوجوان جو مڙھ سمون ڳوٺ پهچايو ويو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن طرفان ميمڻ ڳوٺ پوليس ۽ ملير جيل انتظاميا خلاف احتجاج ڪري نعري بازي ڪئي وئي، ان موقعي تي فوتي نوجوان جي پيءُ پير محمد ملاح ۽ فوتي جي امڙ عزيزان ملاح صحافين کي ٻڌايو ته پوليس جڏهن هڪ سال اڳ اسانجي پٽ کي گرفتار ڪرڻ آئي هئي، ان وقت پوليس سان ڳوٺاڻن جو جيهڙو ٿيو هو، سمورا ڳوٺاڻا شايد آھن ته پوليس کي عمران وٽان ڪجھ به نه مليو هو پر جهيڙي سبب پوليس انتقامي ڪاروائي ڪندي ڳري منشيات ملڻ جو ڪوڙو ڪيس مڙھي ملير ڊسٽرڪٽ جيل اماڻي ڇڏيو، جڏهن ته ڪوڙي ڪيس جي بنياد تي عدالت اسانجي پٽ کي ڏھ سال قيد ۽ پنج لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، هنن وڌيڪ ٻڌايو ته پوليس اڪثر جيل ۾ عمران تي تشدد ڪندي هئي ٻه ڏينهن اڳ اسان پنهنجي پٽ سان ملير جيل ۾ ملاقات ڪئي ته هو تندرست هو ۽ پوليس تشدد جي شڪايت ڪئي هئي، هنن سوال اٿاريو ته ٻن ڏينهن ۾ آخر ڇا ٿيو جو اسانجو پٽ فوت ٿي ويو آھي، هنن الزام هنيو ته پوليس اسانجي پٽ عمران کي تشدد ڪرڻ بعد ڦاهو ڏئي ماريو آھي، ان سلسلي ۾ هو انصاف لاءِ عدالت در کڙڪائيندا، هنن وزير اعلي سنڌ، آئي جي سنڌ ايس ايس پي ملير ۽ ٻين کي اپيل ڪئي ته اسانجي ڪنواري نوجوان پٽ جي جيل ۾ فوت ٿيڻ واري واقعي جي اڻ ڌري جانچ ڪري واسطيدار عملدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.
