اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جسٽس محسن اختر ڪياني ڪورونا ۾مبتلا ٿي ويو آهي. خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب اسٽاف ميمبر افتخار، ريڊر مدثر رياض ۽ ڪلارڪ طاهر محمود به ڪورونا جو شڪار ٿي ويا آهن، اسٽاف ميمبر نائب ڪورٽ جعفر شاهه ۽ نائب قاصد ڪورونا وائرس ۾مبتلا ٿيو آهي، جڏهن ته جسٽس بابر ستار جو ريڊر روحان ۽ ڪلارڪ عدنان منظور جي ڪورونا رپورٽ پازيٽو آئي آهي.
