101

ڇا انڊيا افغانستان ۾ پاڻ کي اڪيلو محسوس پيو ڪري؟

ليکڪ: شڪيل اختر

آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن جي انڊيا جي دوري کان هڪ ڏينهن اڳ آمريڪي انتظاميا چيو آهي ته اهي انڊيا جي اڳواڻن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جو سوال اٿاريندا. انڊيا ان جي ردعمل ۾ چيو آهي ته هڪ جمهوري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان انڊيا هميشه انهن ملڪن سان خيالن جي ڏي وٺ لاءِ تيار آهي جيڪي هاڻ اڪثريت جي اهميت کي تسليم ڪرڻ لڳا آهن، اينٿوني بلنڪن اڱاري تي انڊيا جي دوري تي دهلي پهتو جتي هن وزيراعظم نريندر مودي، پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار اجيت ڊووال سان ملاقات پڻ ڪئي،  پرڏيهي وزارت مطابق انهن ملاقاتن ۾ ٻين معاملن کانسواءِ افغانستان مان آمريڪي فوج جي مڪمل نيڪالي ۽ انتهاپسند تنظيمن جي مدد نه ڪرڻ لاءِ پاڪستان تي وڌيڪ دٻاءُ وجهڻ جهڙن معاملن تي ڌيان رهندو، انڊيا جو خيال آهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير جي هن دوري کي هو افغانستان جي صورتحال ۽ چين سان ڇڪتاڻ جي پس منظر ۾ هڪ اهم ميٽنگ جي طور تي پيش ڪري سگهندا پر جمهوريت ۽ انساني حقن جو ذڪر اچڻ سان ان جي تصور کي ٺيس پهچي وئي آهي، آمريڪا جي نئين انتظاميا احتجاج ڪندڙ هارين سان ڳالهائڻ ۽ غير سرڪاري رضاڪار تنظيمن جي پرڏيهي فنڊنگ بحال ڪرڻ تي زور ڏيندي رهي آهي. آمريڪي شهريت جي نئين قانون ۽ انڊيا جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ جمهوري حقن جي صورتحال تي به ڳڻتي جو اظهار ڪري چڪو آهي، هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن آمريڪي فوج افغانستان مان پوري طرح نڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ طالبان ملڪ جي مختلف حصن تي قبضا ڪندو اڳڀرائي ڪري رهيو آهي اهڙي صورتحال ۾ تجزيي نگار مطابق انڊيا عالمي سطح تي پاڻ کي سفارتي طور تي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو آهي، افغانستان جي سياسي تغير ۽ امن واري عمل ۾ افغانستان سان آمريڪا ۽ خاص ڪري پاڪستان جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي پر ان عمل ۾ انڊيا ڪٿي به شامل نه آهي. ملڪ جي مشهور تجزيي نگار ۽ فورس ميگزين جي ايڊيٽر غزالا وهاب چوي ٿي ته انڊيا افغانستان تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه واري ميز تي پنهنجي جاءِ ڳولي رهيو آهي، انڊيا جو ان ۾ ڪو ڪردار نه آهي، گذريل ڪيترن ئي سالن کان افغانستان تي جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون هيون، انڊيا انهن ۾ ڪٿي به نه هو، هاڻ هو زبردستي پنهنجو ڪردار ڳولي رهيو آهي، غزالا وڌيڪ چوي ٿي ته انڊيا پنهنجي دماغ ۾ اهو وهم پالي رکيو آهي ته افغانستان جي صورتحال جو اثر ڪشمير ۾ انتهاپسندي سان پوندو، هوءَ چوي ٿي ته اسان طالبان کي شروع کان ئي هڪ هوا ٺاهي رکيو آهي ته طالبان دهشتگرد آهن ۽ اهي هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان تي قابض ٿي ويا ته افغانستان مان ٻاهر نڪرندا پوءِ اهي ڪشمير ايندا، طالبان جو مفاد افغانستان ۾ آهي، انهن کي افغانستان جو اقتدار کپي ۽ انهن جو مفاد افغانستان تائين محدود آهي، غزالا جو چوڻ آهي ته افغانستان جو اصل رستو پاڪستان مان گذري ٿو، جيڪي ملڪ به هن وقت افغانستان ۾ شامل آهن انهن جو افغانستان سان ڪو به ڏيڻ وٺڻ نه آهي، صرف پاڪستان ان صورتحال ۾ اهم ڪردار آهي.ڊاڪٽر بلقيس 90ع جي ڏهاڪي ۾ افغان ويڙهه دوران 10 سالن تائين پشاور ۾ مهاجر رهي، تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هاڻ هوءَ انڊيا جي مشهور جندل يونيورسٽي ۾ افغان معاملن جي پروفيسر آهي. بي بي سي سان ڳالهائيندي هن چيو ته انڊيا جي صورتحال انتهائي چئليجنگ آهي ۽ ماضي جي طالبان پاليسي جي ڪري ان کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، هوءَ چوي ٿي ته جيڪڏهن طالبان طاقت جي زور تي افغانستان ۾ اقتدار ۾ اچن ٿا ته انڊيا لاءِ انهن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي پر جيڪڏهن هو ڪنهن سياسي مفاهمت يا ڪنهن اقتدار ۾ حصيداري جي ٺاهه تحت ڪابل جي اقتدار ۾ اچن ٿا ته انڊيا کي ضرور انهن سان لاڳاپا رکڻ گهرجن.اڳوڻو سفارتڪار وويڪ ڪاٽجو  افغانستان ۾ انڊيا جو سفير رهي چڪو آهي، هو هڪ ڊگهي عرصي کان انڊيا جي حڪومت تي زور ڏيندو رهيو آهي ته جڏهن سڄي دنيا طالبان کي تسليم ڪري رهي آهي ته انڊيا کي به طالبان سان کلي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، هو چوي ٿو ته ان جو مطلب اهو نه آهي ته اسان طالبان جي نظريي يا انهن جي پرتشدد طريقيڪار کي مڃون ٿا، ان جي معنيٰ اها آهي ته جهڙي طرح دنيا سفارتڪاري ڪري ٿي اهڙي طرح اسان به ڪريون، انهن سان کلي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي جيڪي اسان جا خيال آهن ۽ جيڪي اسان جون حدون آهن اسان کي انهن کي صاف طور تي ٻڌائڻ گهرجي، في الحال انڊيا افغانستان جي ڪشمڪش ۾ پنهنجو هنڌ ڳولي رهيو آهي. ڪجهه تجزيي نگارن جو خيال آهي ته انڊيا پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ نٿو چاهي پر چاهي ٿو ته پنهنجي پوزيشن واضح نه ڪري ۽ ان جو ڪم به هلندو رهي. غزالا وهاب جي خيال ۾ انڊيا پاڻ پنهنجي صورتحال ڏکي بڻائي رهيو آهي، هوءَ چوي ٿي ته صورتحال انتهائي صاف نظر اچي رهي آهي، آمريڪا کي به نظر اچي رهي آهي، انڊيا هاڻ به اها اميد ڪري رهيو آهي ته افغانستان ۾ ڪو به معجزو ٿي وڃي، حڪومت برقرار رهي ۽ طالبان اقتدار تي قبضو نه ڪري سگهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو