ليکڪ: طفيل مگسي
دنيا جون ترقي يافتا قومون پنهنجي معاشري جي ترقي، مضبوطي ۽ امن جي قيام جي خاطر نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ خاص بندوبست ڪنديون آھن، ڇاڪاڻ ته نوجوان ڪنهن به معاشري جو مستقبل هوندا آھن، جڏھن ڪنهن به معاشري ۾ انقلاب ايندو آهي ته ان ملڪ جي نوجوانن جو ذڪر پڻ ضرور ڪيو ويندو آھي جيڪي ان انقلاب جو هر اول دستو هوندا آھن، اهي ئي قومون معراج حاصل ڪن ٿيون جيڪي جديد تعليم سان سرشار نوجوان نسل جي صلاحيتن کي ڪتب آڻي ٽيڪنالاجي کي واڌارو ڏين ٿيون ۽ ترقي پذير ملڪن تي پنهنجي اجاره داري قائم ڪري ڇڏين ٿيون، پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ ٻين ڪيترن ئي نازڪ مامرن سان گڏ نوجوانن جي مسئلن جي حل ۽ انهن جي لاءِ چٽي منصوبابندي جي سدائين کان اڻاٺ رھي آھي، جنهن جي ڪري اهي نه صرف پنهنجين صلاحيتن کي درست نموني سان استعمال نه ڪري سگهيا آهن پر انهن منجهان اڪثريت اهڙي رستي جي راهي ٿي وئي جيڪو نه صرف انهن جي لاءِ پر ملڪ ۽ قوم لاءِ به ڪنهن ريت مناسب نه هو، جيڪڏھن آبادي ۽ ترقي کي ڏٺو وڃي ته ٻنهي محاذن تي اسان جي نوجوانن هڪ ارادي ۽ مسلسل جدوجهد جو عملي تصور پيش ڪيو آھي، هن ڳالهھ کان قطعي انڪار ناهي ته نوجوان ملڪ ۽ قوم جو مستقبل هوندا آھن، قوم جا حقيقي معمار ۽ قيمتي سرمايو تصور ڪيا ويندا آھن. بيشڪ هر معاشري ۾ اھڙا انسان به هوندا آھن.جيڪي نهايت خاموشي سان يا گمنامي ۾ انساني ڀلائي ۽ ترقي جي ڪمن ۾ حصو وٺن ٿا، جيڪو اهي سڀ رب جي رضا جي خاطر ڪن ٿا نه ڪي ڏيک ۽ نمائش لاءِ، ڇاڪاڻ ته اهڙن نوجوانن کي شھرت جي ڪا به بک ناهي هوندي ۽ نه ئي ڪنهن قسم جي لالچ هوندي آھي ۽ اھڙي دل رکڻ وارا نوجوان معاشري جي لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهن، جيڪي مسئلن جي چڪڻ ۾ چڪيل انسانن جي خدمت ڪن ٿا، جڏھن ته انهن جي ڀيٽ ۾ اسان جي ملڪ جا ڪي اهڙا نوجوان به آھن جيڪي پنهنجو قيمتي وقت موبائيل فون تي گيم کيڏڻ، فيس بڪ يا انسٽاگرام تي اسٽيٽس هڻڻ تي برباد ڪري ڇڏين ٿا، نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سڀ ٽڪ ٽاڪ تيار ڪرڻ ۽ ان جون وڊيوز اپ لوڊ ڪرڻ ۾ مصروف رهن ٿا، اڄ جي هن دجالي دور ۾ اسان بيشمار مسئلن جي ور چڙھيل آھيون، ملڪي آبادي جي اڪثريت غربت کان به هيٺين سطح تي زندگي گذارڻ تي مجبور آھي، اسان جون بنيادي ضرورتون تعليم، لباس، صحت، خوراڪ ۽ گهر ته ڪيترن وٽ موجود آھن.پر ڪافي ماڻھو انهن بنيادي سهولتن کان بلڪل محروم آھن، معاشري جي بهترين تربيت جي وسيلي ئي معاشرتي نظم، امن، برداشت ۽ ڀائيچاري جي ماحول کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي، اسلام اسان کي روحاني ڳالهين جي ذريعي سٺن ڪردارن جو درس ڏئي ٿو، شخصي تڪبر اسان جي معاشرتي قدرن جي زوال جو سبب آھي، انسان عقل ۽ نفس جو هڪ مجموعو آھي، انساني سيرت جي پورائي لاءِ پاڪيزگي وارو فڪر ۽ ڪرادر جي مضبوطي وڏي اهميت جي حيثيت رکي ٿي، ايمان جو مغز خدا جي خلق جي ڀلائي ۽ مخلوق جي عزت ۽ عظمت آھي ۽ انساني احترام ئي اصل معاشرتي ۽ سماجي خدمت آھي، قوتن، صلاحيتن، حوصلن، فتح ۽ شڪست، ترقي ۽ تباهي، عروج ۽ زوال ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار هوندو آھي، هر انقلاب چاهي اهو سياسي، سماجي، اقتصادي يا معاشرتي سطح جو هجي يا نشرياتي ميدان وارو، مقصد ته سمورن ئي ميدانن ۾ نوجوانن جو ڪردار نهايت اهم رهيو آھي، ماضيءَ ۾ روس جو انقلاب هجي يا فرانس جو، هر انقلاب کي برپا ڪرڻ ۾ نوجوانن جو ڪردار اهم رهيو آھي، ماضي ۾ جيئن ته تاريخ کان ثابت آھي ته هر ننڍي وڏي تبديلي نوجوانن جي وسيلي آئي آھي، موجوده وقت ۾ به هر تحريڪ چاهي سياسي هجي يا مذھبي يا سماجي انهن ۾ نوجوان ئي اڳيان اڳيان آھن. ڊاڪٽر ابراهيم ناجي پنهنجي ڪتاب ۾ ھڪ واقعي جو ذڪر ڪندي لکيو آھي ته ”مون ناروي جي هڪ هوٽل ۾ نوجوان”ڪرس“ کان پڇيو ته تنهنجي زندگي جو مقصد ڇا آھي؟ هن حيران ٿي جواب ڏنو ته مون کان اڄ تائين ڪنهن ان طرح جو سوال نه ڪيو آهي ۽ پوءِ پنهنجي ڳالهھ کي اڳتي وڌائيندي چيائين ته منهنجي زندگي جو ڪو مقصد ناهي، ڇا زندگي جو ڪو مقصد به هوندو آھي ڇا؟ جديد دور ۾ جڏھن نوجوانن کان پڇيو وڃي ٿو ته زندگي جو مقصد ڇا آھي ته انهن جو جواب به ”ڪرس“جيان هوندو آھي، اڄ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي هڪ ٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڌن ۾ اھڙو ماحول قائم ڪري رکيو آهي جو هر نوجوان ساڄي، کاٻي پاسي ۽ پٺتي ڏسڻ جي تڪليف به نٿو ڪري ۽ ھو بهتر ڪيريئر بڻائڻ جي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي ٿو، اهو سماج ۾ رھڻ وارن ٻين فردن کان ته ڇا پر پنهنجن پاڙيسرين کان به ويڳاڻو رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو ان اصول تي عمل ڪري ٿو ته مون کي پاڻ کانسواءِ ڪنهن جي به ضرورت ناهي ۽ نه اهو پاڻ کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي ڄاڻڻ يا سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اهو چنڊ تي پهچڻ جي لاءِ هر وقت مصروف رهي ٿو پر پنهنجي وجود جي مقصد کان اڻڄاڻ آھي، اڄ جو نوجوان بي انتها مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ته ٻئي پاسي اقتصادي مسئلن کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي مسئلن سبب پريشان آھي، ان ريت بيڪار تعليم، تربيت ۽ حيا ۽ مغربي فڪر ۽ تهذيب جي پيدا ڪيل مسئلن کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي مسئلن جي ڍير تي بيٺو آھي، جنهن جي ڪري مايوسي هن جي اندر ۾ گهر ڪري وئي آھي، ان سلسلي ۾ والدين، دانشون ۽ عالمن تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن نوجوان طبقو معاشري جي تعمير ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهي. ان جي لاءِ ماضي وانگر اسان کي نوجوان ۾ سڀ کان پهريان تعليمي شعور آڻڻو پوندو ۽ سياسي توڙي سماجي تنظيمن کي اڳ جيان اهڙا ڪلاس ۽ ليڪچر هلائڻا پوندا، جنهن سان نوجوانن کي علم ۽ ادب جي اهميت بابت شعور ڏئي سگهجي ۽ انهن کي ٻڌائجي ته دنيا جي عظيم ڏاهن ۽ اڳواڻن ڪهڙن ڪهڙن مرحلن مان گذري دنيا کي رهڻ لائق بڻايو آهي، انهن کي انهن سائنسي موجدن جي زندگيءَ بابت به ٻڌائڻ گهرجي ته انهن ماڻهن ڪهڙن مرحلن مان گذري اڄ جي دور جي ماڻهن جي استعمال هيٺ ايندڙ آرام ڏيندڙ شيون ٺاهيون آهن، انهن کي اهو به ٻڌائجي ته زندگي بنا مقصد جي ناهي هوندي، ڪائنات جي خالق جيڪا زندگي عطا ڪئي آهي، ان جو ڪو مقصد ضرور آهي ۽ ان مقصد کي سڃاڻڻ لاءِ نوجوانن کي پنهنجي اندر کان ٻاهر ڳولا ڪرڻي آهي، انهن کي اهو به ٻڌائجي ته سندن زندگي تي رڳو انهن جو نه پر انهن جي پيارن، ديس واسين ۽ ملڪ جي ماڻهن جو به ايترو ئي حق آهي انهن کي به ٻڌائجي ته ترقي اڪيلي سر نه پر مجموعي ڪوششن ۽ محنتن سان ايندي آهي، انهن کي اهو به ٻڌائجي ته ڪيريئر جيستائين سماج جي ڪم نٿو اچي سگهي، تيستائين اهو ڪيريئر نه خود فريبي آهي.