105

افغانستان جي اڌ ملڪ تي طالبان ڪيئن قبضو ڪيو؟

ليکڪ: انٽرنيشنل ميڊيا واچ

افغانستان ۾ تيزي سان اڳڀرائي ڪندڙ طالبان ويڙهاڪن گذريل ٻن مهينن ۾ جيترن علائقن تي قبضو ڪري ورتو آهي اوترو هو 2001ع جي اقتدار کان ڌار ڪرڻ کانپوءِ ڪڏهن به نه ڪري سگهيا هئا، گذريل 20 سالن ۾ افغانستان جي ڪهڙن علائقن تي ڪنهن جو قبضو آهي ان جو نقشو مستقل تبديل ٿيندو رهيو آهي، هيٺ روز تبديل ٿيندڙ نقشي تي نظر وجهڻ جي ڪوشش ڪريون پيا،افغانستان مان نيٽو ۽ آمريڪي فوج جي نيڪال کانپوءِ طالبان ويڙهاڪ وڏي بي خوفي سان اڳڀرائي ڪري رهيا آهن ۽ انهن ڪيترن ئي ضلعن مان سرڪاري فوج کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، بي بي سي طرفان گڏ ڪيل تفصيلن مطابق طالبان ويڙهاڪن سڄي ملڪ ۾ پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪري ورتي آهي، جن مان ملڪ جي اتر، اتر اوڀر ۽ وچ وارا صوبا غزني ۽ ميدان وردڪ شامل آهن، طالبان هاڻ ملڪ جي وڏن شهرن قندوز، هرات، قنڌار ۽ لشڪر گاهه طرف وڌي رهيا آهن، جن ضلعن ۾ طالبان قبضو ڪري ورتو آهي ان جو مطلب اهو ته انهن ضلعي انتظامي مرڪزن، پوليس جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۽ ٻين ضلعي ادارن جي عمارتن مان سرڪاري اهلڪارن ۽ سيڪيورٽي فورسز کي بيدخل ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪا ۽ نيٽو جي فوج اتر اتحاد ۽ طالبان مخالف ٻين هٿياربند گروهن جي مدد سان نومبر 2001ع ۾ طالبان کان اقتدار ڇني ورتو هو ۽ قابل کانسواءِ ملڪ جي وڏي علائقي تي قبضو ڪري ورتو هو. طالبان تي الزام هو ته اهي اساما بن لادن سميت القاعده جي مرڪزي شخصيتن کي پناهه ڏئي ويٺل آهن، جن کي 11 سيپٽمبر 2001ع ۾ آمريڪا ۾ دهشتگردي جو ذميوار قرار ڏنو ويو هو، پر غير ملڪي فوج جي موجودگي ۽ افغان سيڪيورٽي فورسز جي تربيت ۽ هٿيارن جي فراهمي تي اربين ڊالر خرچ ڪرڻ باوجود آمريڪا طالبان کي ختم نه ڪري سگهيو ۽ ملڪ جي پري پري وارن علائقن ۾ انهن جون سرگرميون جاري رهيون، اهي انهن علائقن ۾ پاڻ کي منظم ڪندا رهيا ۽ پنهنجي طاقت به وڌائيندا، ملڪ جي جن علائقن ۾ سندن سرگرميون جاري رهيون ۽ اهي زور وٺنديون ويون انهن ۾ ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه علائقن کانسواءِ اتر ۾ هلمند، قنڌار، ارزگان ۽ زابل وارا صوبا شامل هئا. ڏکڻ ۾ فرياب جا جبل، اتر اولهه جون پهاڙيون ۽ اتر اوڀر ۾ بدخشان جي جبلن ۾ به طالبان جي سرگرمين کي آمريڪا روڪي نه سگهيو هو، 2017ع ۾ بي بي سي طرفان ڪرايل تجزيي مان معلوم ٿيو هو ته طالبان ڪيترن ئي ضلعن ۾ پوري طرح مستحڪم آهن، ان سروي مان اها ڳالهه به سامهون آئي هئي ته هو ملڪ جي ٻين حصن ۾ به سرگرم آهن ۽ هفتيوار يا ماهوار حملا به ڪندا رهن ٿا، جنهن سان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي ماضي ۾ لڳايل اندازن کان وڌيڪ منظم ۽ مضبوط آهن، ملڪ جي ڏيڍ ڪروڙ آباديءَ جو مجموعي آباديءَ جو اڌ حصو آهي، اهي طالبان جي قبضي وارن علائقن ۾ رهي ٿو، جتي طالبان کلم کلا موجود هئا ۽ موجوده سرڪاري فورسز تي حملا ڪندا رهندا هئا. طالبان 2001ع جي مقابلي ۾ وڌيڪ وڏي علائقي تي قابض آهن پر صورتحال ڪافي غير يقيني آهي، سرڪاري فورسز ڪيترن ئي ضلعي مرڪزن مان ڀڄڻ تي مجبور ٿي وئي آهي جتي اهي طالبان جي حملن کي منهن ٿي ڏئي سگهيون پر ڪجهه علائقن تي وري سرڪار قبضو ڪري ورتو آهي، جن علائقن ۾ سرڪاري فوج کي نئين سر منطم ڪيو ويو ۽ مقامي ماڻهن جي حمايت حاصل ڪيئ وئي، انهن ۾ ڪجهه علائقن مان طالبان کي پوئتي ڌڪيو ويو آهي يا وري اتي ويڙهه هلندڙ آهي.آمريڪي فوج جيئن ته جون مهيني کان ئي نڪرڻ شروع ٿي وئي پر مٺ جا فوجي اڃا به ڪابل ۾ موجود آهن ۽ آمريڪي فضائيه گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ طالبان جي ٺڪاڻن کي نشانو به بڻايو آهي، افغانستان جي سرڪاري فوج گهڻو ڪري انهن شهرن ۽ ضلعن ۾ اڃا تائين پنهنجا قدم ڄمايل رکيا آهن، جيڪي ميداني علائقن ۾ آهن يا درياهن سان ترائي ۽ وادين ۾ واقع آهن، انهن ئي علائقن ۾ ملڪ جي گهڻي آبادي آهي، طالبان جو انهن علائقن تي قبضو آهي جتي آبادي گهٽ آهي ۽ ڪيترن جاين تي في ڪلو ميٽر  علائقي ۾ 50 کان به گهٽ فرد ملن ٿا. حڪومت جو چوڻ آهي ته ان وڏن شهرن جيڪي طالبان جي اڳڀرائي جي گهيري ۾ آهن اتي فوجي دستا موڪلي ڇڏيا آهن ۽ تقريبن سڄي ملڪ ۾ رات جي وقت ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي ته جئين طالبان جي حملن کي روڪي سگهجي. طالبان هرات ۽ قنڌار جهڙن شهرن جي ويجهو ايندا پيا وڃن پر هن وقت تائين اهي انهن تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن، پنهنجي قبضي وارن علائقن کي وڌائڻ سان طالبان جي ڳالهين واري ميز تي پوزيشن مضبوط ٿيندي پئي وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ هو انهن علائقن مان ٽئڪس به وصول ڪري رهيا آهن، هلندڙ سال جي پهرئين حصي ۾ ملڪ ۾ رڪارڊ تعداد ۾ شهري ماريا ويا، گڏيل قومون هن سال ملڪ ۾ 1600 شهرين جي اڪثر موتن جو ذميوار طالبان ۽ حڪومت مخالف عنصرن کي قرار ڏنو آهي. ملڪ ۾ جاري گهرو ويڙهه کان بچڻ لاءِ ڪيترن ئي علائقن مان ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن ۽ هن سال جي شروعات ۾ 3 لک ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، گڏيل قومن جي مهاجرن واري اداري مطابق بدخشان، قندوز، بلخ، بغلان ۽ تخار جي وسيع علائقن تي طالبان جي قبضي سبب ملڪ اندر مهاجرن جي هڪ نئين لهر اچي وئي آهي. ڪجهه ماڻهو عارضي طور تي پنهنجن گهرن کي ڇڏي ويجهن ڳوٺن يا ضلعن ۾ هليا ويا هئا پر پوءِ واپس اچي ويا پر ڪيترائي ماڻهو ڪافي ڏينهن کان بي گهر آهن، فرانسيسي خابرو اداري خبر ڏني آهي ته طالبان جي حملن کان بچڻ لاءِ ڪيترائي سرڪاري فوجي ۽ مهاجر سرحد ٽپي تاجڪستان هليا ويا هئا، طالبان ملڪ جي ڪيترن ئي داخلي رستن تي قبضو حاصل ڪري ورتو آهي، جن ۾ اسپن بولدڪ جي اهم سرحدي گذرگاهه به شامل آهي، جيڪا پاڪستان جي سرحد سان ملي ٿي، انهن سرحدي چوڪين تان گذرندڙ واپاري مال تي طالبان ڪسٽم ۽ ٻيا ٽئڪس به وصول ڪري رهيا آهن پر انهن کي انهن واپاري رستن تان ڪيتري رقم وصول ٿي رهي آهي ان جو ڪاٿو لڳائڻ ممڪن نه آهي ۽ ويڙهه جي ڪري واپارجو ڪاٿو گهٽجي ويو آهي. پاڙيسري ملڪ ايران سان سرحدي گذرگاهه اسلام قلعي تان هر مهيني  2 ڪروڙ ڊالرن جو ٽئڪس حاصل ٿي رهيو آهي، درآمدات ۽ برآمدات ۾ خلل پوڻ سان ملڪ اندر منڊين ۾ خوراڪ ۽ ٻارڻ جي قيمتن ۾ پڻ واڌ ٿي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو