ليکڪ: ذلفي چاچڙ
ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته سنڌ صوفين جي سرزمين آھي اھو ئي ڪارڻ آھي جو ھر اصلوڪو سنڌي صوفياڻو مزاج، درويشياڻي دل ۽ رحم وارا رويا رکي ٿو، تڏھن ئي ته سائين جي ايم سيد چيو ھو ته سنڌ جي صوفين وٽ عالمي امن لاءِ ھڪ عالمگير پيغام موجود آھي، جنھن کي منظم نموني ڦھلائڻ جي ضرورت آھي، ميرڙن اڇن وارن واري ڏاڙھي، سنھڙو سيبتو ۽ ڊگھو قد رکندڙ ھِن درويش شخص جو نالو ھونئن ته غلام قادر آھي پر علائقي ۾ مامو مينھنَ وارو ۽ مامو لاھوتي طور مشھور آھي، تمام گھٽ ماڻھن کي سندس حقيقي نالو معلوم ھوندو، نه ته ھر ڪو، ايتري قدر جو کائنس عمر کان وڏا ماڻھو ۽ سندس سڳا ڀائٽيا ۽ ڀائٽيون به کيس مامو چئي مخاطب ٿيندا آھن، مامو غلام قادر ڀاڳيو مڙس، چوپائي مال جو شوقين ۽ ميھار آھي، اسان جي يادگيرين ۾ مينھن جو وٽس خاصو ڌڻ ھوندو ھو، جنھن ۾ ڀلوڙ نسل جون مينھون به شامل ھونديون ھيون، جيڪي بنا ڪنھن خاص خوراڪ جي سکڻو جھنگ مان چري ڦري اچڻ تي 10کان 12 ڪلو کير ھڪ ويلي تي ڏينديون ھيون، تڏھن کير وڪرو نه ڪندو ھو جو اھو سڀ عيب سمجھيو ويندو ھو، ڏينھون ڏينھن وڌندڙ مھانگائي ماڻھن کان اصولن ۽ آدرشن تان ھٿ ئي کڻائي ڇڏيا آھن، اڃان ان کان وڌيڪ وقت جي ستم ظريفي ڪھڙي ٿيندي جو کير جي وڪري کي عيب سمجھڻ وارا اڄ کير وڪرو ڪري پنھنجون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري رھيا آھن پر ھاڻ جيئن ته زرعي آبادي وڌي وڃڻ ڪري مال جي چَرڻ جي ڪا جاءِ ۽ جوءِ رھي ئي ناھي، تنھن ڪري مامي کي به مجبورن ڪجهھ مال وڪرو ڪري ٿورڙو رکڻو پيو، ڇو ته مامو مال کان سواءِ رھي ئي نٿو سگھي، مامو غلام قادر جيڪو مال (جنھن ۾ مينھون ۽ ڳئون شامل آھن) سان اولاد وانگر پيار ڪندو آھي ۽ ھن پنھنجي پاليل جانورن جو گوشت ڪڏھن به نه کاڌو، بيماري يا ڪنھن ٻئي سبب ڪارڻ جڏھن سندس ڪو ڍور مري پوندو آھي ته ان ڏک ۾ حساس دل رکندڙ ھي شخص ڍڊڪارون ڏئي روئي پوندو آھي ۽ ڪيترن ئي ڏينھن تائين اداس ۽ غمگين رھندو آھي، ھو مينھن جو نسل، عمر ۽ بيماريون وغيره سڃاڻڻ جو پڻ ماھر آھي، اھو ئي سبب آھي جو نه رڳو تر پر پري پري علائقن جا ماڻھو به وٽرنري ڊاڪٽرن ڏانھن وڃڻ بدران مامي وٽ ايندا آھن ۽ کيس بيماري جون علامتون ٻڌائي علاج پڇي ويندا آھن جيڪو علاج جڙين ٻوٽين ۽ ديسي ٽوٽڪن تي ٻڌل ھوندو آھي، ان کانسواءِ کير وڌائڻ لاءِ ڀاڳين کي ڏاڻ پڻ ڏسيندو آھي ۽ ڳڀ نه رکندڙ مينھن کي ڏنڀ ڏيندو آھي، جنھن کي سنوڻ چيو ويندو آھي، ڏنڀ ڏيڻ کان پوءِ اھي مينھون ڳڀ رکي وينديون آھن، سدائين لٺ کڻي ھلندڙ مامو غلام قادر خاموش طبع شخص آھي جيڪو ڪڏھن به ڪنھن سان غير ضروري گفتگو ناھي ڪندو ۽ نه ئي اسان ڪڏھن ڪنھن سان تلخ لھجي ۾ ڳالھائيندي ٻڌو يا ڏٺو، پر ڪڏھن ڪڏھن ڪن مخصوص ماڻھن سان ڀوڳ چرچا ڪري وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي کلندو آھي، ھو جيڪو عيد به مال سان گڏ گذاريندو آھي ته عاشوره به، سندس سڄو ڏينھن ڪشمور لڳ 45 آر ڊي تي گذرندو آھي، جتي مال پاڻي ۾ ويھاري پاڻ وڻن جي ڇانو ۾ ويٺو ھوندو آھي، ھو شادين مرادين ۾ به گھٽ ويندو آھي پر جڏھن ڪيڏانھن وڃڻ ضروري سمجھندو آھي ته پيادل ئي نڪري پوندو آھي پوءِ ڀلي منزل چار پنج ڪوهه پري ئي ڇو نه ھجي، ھن حياتي ۾ ھن مھل تائين نه ته سائيڪل تي چڙھيو آھي ۽ نه ئي ڪڏھن موٽر سائيڪل تي لانگ ورائي ويٺو، اوھان کي اھو ٻڌي حيرت ٿيندي ته ھيءُ درويش بيمار به ناھي ٿيندو، اتفاق سان جيڪڏھن کيس ڪو موسمي بخار اچيو به وڃي ته ڪا دوا ناھي پيئندو، ڪا گوري ٽڪي کائڻ بنا ئي پاڻمرادو ٺيڪ ٿيو وڃي، سندس بھتر صحت جو راز شايد گھڻو پنڌ گھمڻ، لسي ۽ کير پيئڻ آھي، درويش صفت ھي انسان ڪيترا ئي ڀيرا لاھوت جي اڙانگن پيچرن تي پنڌ ھلي پير پٿون ڪري اتان جو سير سفر ۽ زيارتون ڪري موٽيو، عراق، ايران ۽ مديني وڃڻ جو ارادو پڻ رکي ٿو، اڳ ۾ سدائين ان خواھش جو اظھار ڪندو رھندو ھو ته ڪربلا يا مديني وڃي واپس اچڻ بدران اتي ئي رھي پوندس، اتي ئي مرندس ۽ ان ئي مقدس مٽيءَ ۾ دفن ٿيندس پر ھاڻ سندس خواھش ۽ خيال ۾ تبديلي اچي وئي آھي ۽ ھاڻي چوندو رھي ٿو ته عمرو ڪرڻ لاءِ سعودي ۽ زيارتن لاءِ ڪربلا ته ويندس پر مرندس پنھنجي مٽيءَ ۾، ڇو ته پرديس ۾ پرائي قبرستان ۾ آئون اڪيلو ڪيئن رھي سگھندس؟ ان سلسلي ۾ ھو ھر سال سنبرندو به آھي پر وڃي ناھي سگھندو ڇو ته ھن کان سواءِ مال به خوش رھي ناھي سگھندو، ننڊپڻ ۾ مامي جي غيرموجودگي ۾ سندس مينھون آئون آھيري ويندو ھئس ته مينھون جھنگ ۾ چَرڻ بدران سڄو ڏينھن ايئن ڍڪنديون رھنديون ھيون جيئن ڪا سئا مينھن پنھنجي ڦر لاءِ ڍڪندي آھي، مامي غلام قادر جو ڪو اولاد ڪونھي، ڇو ته ھن شادي ئي ناھي ڪئي ۽ سڄي زندگي اڪيلائپ ۾ گذاري ڇڏي، سانوڻ ھجي يا سيارو مامو مينھون ڏھڻ، لسي ولوڙڻ کان ويندي سمورو ڪم پاڻ ئي ڪندو آھي، ان کان پوءِ گھر جي ٻاھران زمين تي وڃي پيرا جاچيندو آھي، کيس پيرن جي پرک پڻ آھي، ھو ڪنھن چور ۽ عام ماڻھوءَ جي پير جو فرق آساني سان سمجھي سگھندو آھي، جيڪا ڳالهه گھٽ ۾ گھٽ اسان جي سمجهھ کان ته مٿانھين آھي، کيس ورثي ۾ چار ايڪڙ ٻني پڻ ملي جا سندس ڀائٽين جي قبضي ۾ آھي پر ھن ھيل تائين نه ڪو حساب گھريو آھي ۽ نه ئي ٻني جي مالڪي جو دعويدار بڻيو، ٻه ڀيرا سندس جمع پونجي ڪيل پئسا ايڪسپائر ٿي ڪاغذن جا ٽڪرا بڻجي ويا، ڪجهھ ماڻھن کيس پئسا بند ٿي وڃڻ جو ٻڌايو به ھو پر ھن مڃيو ئي نه ته ڪي مون وٽ پئسا لڪيل آھن، سندس ردي ٿي ويل رقم مان تنھن وقت چار تولا سون جا ٺھي ٿي سگھيا جيڪي ضايع ٿي ويا، تنھن باوجود به ھو پئسا سنڀاليون ٿي آيو جڏھن منھنجي شادي جو ٻڌائين ته سمورا پئسا ڪڍي ھڪ مڃارڪو دڪان ھلائيندڙ واسطيدار واڻئي وٽ کڻي ويو ۽ انھن پئسن جو ھار ٺھرائي اچي مونکي وڌائين، جيڪو ھار اڃان تائين مون وٽ رکيو آھي ۽ منھنجا ٻار ڏسي کلندا آھن.