105

وزيراعظم مستقبل ۾ ڪراچي ۾ به حڪومت ٺاهيندو، راولپنڊي کي يونيورسٽين جو شهر بڻائينداسين: وفاق

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)  گهرو  معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان مستقبل ۾ ڪراچي ۾ به حڪومت ٺاهيندو ، راولپنڊي کي يونيورسٽين جو شهر بڻائينداسين. تحريڪ انصاف جي گلگت بلتستان، پنجاب، خيبر پختونخواه ۽ ڪشمير ۾ حڪومت آهي، سنڌ ۾ لاڪ ڊائون سان سنڌ حڪومت پنهنجو نقصان پاڻ ڪندي،  نور مقدم قتل ڪيس جي ملزمن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. مسيحي سينيٽر ورڪرن ڪووڊ-19  جي وبا دوران تعريف جوڳيون خدمتون سرانجام ڏنيون، لئي ايڪسپريس وي جي مڪمل ٿيڻ سان آسپاس رهڻ وارن ماڻهن جون زندگيون بدلجي وينديون، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جو فيصلو وزيراعظم عمران خان ڪندو، اليڪشن پنهنجي وقت تي ٿيندي، پي ٽي آءِ جي پوزيشن روزانو وڌيڪ مضبوط ٿيندي پئي وڃي، مسيحي منهنجي دل جي تمام ويجهو آهن. انهن خيالن جو اظهار هن ميونسپل ڪارپوريشن راولپنڊي جي ليبر يونين جي حلف برادري واري تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. گهرو وزير ان موقعي تي ميونسپل ليبر يونين جي نون چونڊيل اڳواڻن کان حلف ورتو ۽ انهن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اميد آهي ته نوان چونڊيل اميدوار شهر جي بهتري لاءِ ڪم ڪندا. گهرو وزير چيو ته ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ سڀئي 1140 ملازم هن ئي سال مستقل ٿيندا. ڊيلي ويجز  وارن کي جهنگي سيدان ۾ وزيراعظم پيڪيج فليٽ تعمير ڪري ڏينداسين. سينيٽري ورڪرن کي اسلام آباد سي ڊي اي ۾ به ڀرتي ڪنداسين. هن چيو ته نالا لئي ايڪسپريس وي منهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اهو مڪمل ڪري مون کي دلي سڪون ملندو. مسيحي ڪميونٽي جا ماڻهو مون کي تمام سٺا لڳندا آهن، منهنجي پيدائش هولي فيملي ۽ تعليم به مسيحي تعليمي ادارن ۾ ٿي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو