91

رانا ثناء الله خلاف ڊرگ ڪورٽ ۾ منشيات برآمدگي ڪيس جي ٻڌڻي 11 سيپٽمبر تائين ملتوي

لاهور (ويب ڊيسڪ)  لاهور جي منشيات جي روڪٿام واري خاص عدالت ۾ مسلم ليگ (ن) اڳواڻ رانا ثناء الله خلاف منشيات برآمدگي ڪيس جي ٻڌڻي 11 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي. عدالتي حڪم تي رانا ثناء الله عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ پنهنجي حاضري مڪمل ڪرائي. عدالت جي جج جي عدم دستيابي سبب ڪيس ۾ ڪا به پيش رفت نه ٿي سگهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي رانا ثناء الله کي ٻيهر طلب ڪري ورتو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو