انقره (ويب ڊيسڪ) ترڪي جي علائقي قونيا ۾ هٿياربندن هڪ گهر جي 7 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. رپورٽ مطابق قونيا ۾ چيف پراسيڪيوٽر آفيس جي بيان ۾ ٻڌايو ته گذريل ڏينهن خانداني دشمني جي نتيجي ۾ هٿياربندن ڊيڊوغلو خاندان جي 7 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. هن ٻڌايو ته فوتين کي ويجهي اسپتال ۾ منتقل ڪري ڇڏيو ۽ 10 شڪي کي حراست ۾ ورتو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته قرل ٻن خاندانن جي وچ جاري دشمني جو نتيجو آهي.
