اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب پاران اڳوڻي صدر آصف زرداري جي نيويارڪ ۾ موجود ملڪيت واري معاملي ۾ آصف زرداري نيب ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق صدر نيب کان نيويارڪ فليٽ ڪيس ۾ جواب داخل ڪرائڻ لاءِ وقت گهريو هو، جنهن بعد جواب داخل ڪرائيندي هن چيو ته آمريڪا ۾ فليٽ منهنجو نه آهي، جنهن سال فليٽ خريد ڪيو، ان سال ئي وڪرو ڪيو ويو هو، جڏهن فليٽ خريد ڪيو ته ان وقت ڪنهن عوامي عهدي تي فائز نه هيس. هن چيو ته امريڪا پنهنجي علاج لاءِ ويو هيس.
97