108

وفاقي حڪومت زندگين تي سياست پئي ڪري، ڪراچي جو حال ڀارت جهڙو ٿيو ته ذميوار عمران خان ٿيندو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ ڊيلٽا ويريئينٽ سبب ڀارت جهڙي صورتحال ٿي ته ان جو ذميوار عمران خان ٿيندو، وفاقي حڪومت زندگين تي سياست پئي ڪري، وفاق ڪورونا خلاف نه پاڻ ڪجهه ڪري پيو، نه ئي اسان کي ڪجهه ڪرڻ ڏنو ٿو وڃي. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته  وفاقي حڪومت سنڌ ۾ عوام جي حفاظت ڪرڻ بدران اسان جي گهتتائي ڪرائي رهي آهي، سنڌ ۾ ڪورونا پکڙجڻ جي ذميوار وفاقي حڪومت ٿيندي.سنڌ حڪومت عوام جي جان بچائڻ لاءِ جيڪي اپاءِ ورتا آهن انهن کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن، اهو ڏاڍو غلط پيغام آهي، لڳي ٿو ته هي هڪ نه پر ٻه پاڪستان آهن، وفاقي حڪومت زندگين تي سياست پئي ڪري. هن چيو ته قدرتي آفتن جي ڪري جتي به ڪجهه ٿيو اتي عمران خان جي حڪومت عوام کي لاوارث ئي ڇڏي ڏنو، هي ڪجهه ڪري نه ٿا سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ ماٺ ڪري ته ويهن. ناجائز طريقي سان ڪرسي تي ويٺل عمران خان هاڻي ٻاراڻيون حرڪتون ڪري رهيو آهي ان جون سموريون پاليسيون عام ماڻهن لاءِ تڪليف ڏيندڙ آهن. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي 5 سالن تائين ن ليگ جو ۽ 3 سالن تائين تحريڪ انصاف جو مقابلو ڪيو، هر ڪٺ پتلي ۽ سيليڪٽڊ جو مقابلو ڪنداسين، پارليماني طريقي سان حڪومت کي ٽف ٽائم ڏينداسين. جيڪڏهن اسين سڀ گڏجي ڪم ڪريون ته پنجاب ۾بزدار کي ڀڄائي سگهون ٿا ۽ وفاق ۾ عمران کي پڻ هٽائي سگهون ٿا.  جمهوري نظام ۾ رهندي هن حڪومت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن جهڙي دانڌلي اڳ ڪڏهن نه ٿي، آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ پئسو هلايو ويو، آزاد ڪشمير جو وزير پيسا ورهائيندو رهيو ۽ اليڪشن ڪميشن ڪجهه به نه ڪيو،  ان تاريخي دانڌلين باوجود 11 سيٽون حڪومت کان زوري کسي ورتيون سين. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير ۾ اڳوڻي طالبان اڳواڻ کي حڪمراني ڏني پئي وڃي، ان سان دنيا ۾ غلط تاثر ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو