لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت ڀارتي ڊيلٽا ويرينٽ جي پکيڙ ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي لاهور جي مختلف علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. سموريون مارڪيٽون، آفيسون، هوٽل ۽ سرڪاري، پرائيويٽ آفيسون به بند رهنديون. پنجاب حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته لاهور جي 13 علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون 12 آگسٽ تائين لاڳو ڪيو پيو وڃي. سموريون مارڪيٽون، آفيسون، هوٽل،(سرڪاري ۽ پرائيويٽ) آفيسون به بند رهنديون. نوٽيفڪيشن موجب سمورين مذهبي، ثقافتي ۽ پرائيويٽ گڏجاڻين تي مڪمل پابندي هوندي. لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾کاڌي پيتي جي شين جا دڪان، ڊپارٽمينٽل اسٽور، فارميسي سيڪشن کليل رهندا. جڏهن ته ججن، وڪيلن، عدالتي عملي، صحت سان لاڳاپيل ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن کي ڇوٽ حاصل هوندي.
