109

پيٽرول ۽ گاسليٽ مهانگو، ايل پي جي قيمت ۾ واڌ، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پيٽرول ۽ گاسليٽ مهانگو ٿي ويو، نوٽيفڪيشن جاري، اڄ کان قيمتون لاڳو ٿي ويون، جاري ڪيل نوٽيفيڪشن موجب پيٽرول هڪ رپيو 71 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد في ليٽر 119 رپيا 80 پئسا ٿي ويو، جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 35 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، نئين قيمت 87 رپيا 49 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف ڊيزل ۽ لائيٽ ڊيزل جون قيمتون نه وڌايون ويون آهن، پيٽروليم شين جون نيون قيمتون رات 12هين وڳي کان لاڳو ٿي ويون آهن. هوڏانهن اوگرا ايل پي جي في ڪلو قيمت ۾ 9 رپيا 58 پئسا واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، ايل پي جي  11.8 ڪلو جو گهريلو سيلنڊر 113 رپيا 7 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ گهريلو سلينڊر جي نئين قيمت 2010 رپيا 7 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو