لاهور (ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پارٽي ۾ اختلاف ناهن، نه ئي شهباز شريف استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) مڪمل طور تي متحده آهي، اختلافن جون خبرون بي بنياد آهن، حڪومتي ترجمانن اڳ ۾ به غلط ڳالهيون ڪيون ۽ هاڻي به غلط بياني ڪري رهيا آهن.
