لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته بخار، کنگهه ۽ زڪام اڃا آهي، ڪورونا مان ٺيڪ ٿيڻ ۾ وقت لڳندو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي هن چيو ته اميد آهي ته انشاءَ الله جلد بهتر ٿي وينديس ۽ رپورٽ نيگيٽو اچي ويندي، هن وڌيڪ چيو ته صحت جو مڪمل خيال رکان پئي، ٺيڪ ٿيڻ ۾ اڃا ٿورو وقت لڳندو.
