ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي فيصلي ۾ وفاق کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته صوبي ۾ ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ وڏي وزير ۽ سندس ٽيم جي ناڪامي آهي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته ڪو به صوبو پاڻمرادو فيصلو نه ٿو ڪري سگهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان مڪمل ڪرفيو وانگر لاڪ ڊائون جي خلاف آهيون، وڏو وزير نظرثاني ڪري وڏو وزير ايڊمنسٽريٽر آهي، ان کي جيڪا مدد گهرجي، ڏيڻ لاءِ حاضر آهيون، هن چيو ته اسان هڪ مهذب قوم آهيون، اوهان ائين ڪيئن پوريون مارڪيٽون بند ڪري سگهو ٿا، هي ڀارتي ويرينٽ آهي، ان کي ڊيلٽا ڊيلٽا چيو پيو وڃي.
