96

ڌيءَ پاران والد کي ڀيٽا

ليکڪ: ندا حسين چانڊيو

اسان کي پنهنجي والد تي فخر آهي، اسان جدوجهد ڪندڙ فداحسين چانڊيو جو اولاد آهيون، نوابشاهه لڳ ڳوٺ بالو جا قبا ۾ جنم وٺندڙ اسان جو والد فدا فداحسين چانڊيوجيڪو اسان جي ڏاڏي مرحوم زوار مولا بخش چانڊيو جو ننڍي ۾ ننڍو پٽ آهي، اسان جو بابا ننڍپڻ کان ئي ٻين وڏن ڀائرن کان مختلف رهيو آهي، سندس پوري حياتي جدوجهد ۾ گذري آهي، بچپن کان پڙهڻ ۾ هوشيار ۽ پنهنجي والد جو لاڏلو رهيو، وقت سندس ساٿ نه ڏنو ننڍپڻ ۾ ئي پيءُ جي شفقت کان محروم ٿي ويو، سندس حياتي ۾ حادثا ئي رهيا آهن، والد، دل گهرئي دوست شهيد بشير خان قريشي جي شهادت ۽ جيون ساٿي جي وڇوڙن سندس جيءَ کي جهوري وڌو، ايترا حادثا ڪنهن ٻئي کي پيش اچن ها ته هو هارجي وڃي ها، پر هن وقت جي سامهون هار نه مڃي، هن هاءِ اسڪول ۾ پوزيشون کڻڻ بعد ڪاليج جي دنيا ۾ پير پاتو، ان وقت ڪاليج جي لائبريري ۾ ويهي پنهنجي ڪاپي تي جيئي لکڻ کانپوءِ ڪنهن قدم جي آواز جي ڪري رڪجي ويو ته ان وقت ڀرسان گذرندڙ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس جي ضلعي صدر ادريس جتوئي کيس ڏسي بيهي رهيو ته آخر هي نوجوان وڌيڪ ڇا ٿو لکڻ چاهي، ان دوران اسان جي والد جيئي جي اڳيان سنڌ لکي ڇڏيو، پر جيئي سنڌ لکندڙ ان نوجوان کي اها خبر نه هئي ته اڳتي هلي سندس شمار جساف جي مک قيادت ۾ ٿيندو، جساف جو ڪارڪن ٿيڻ بعد هو پنهنجي جدوجهد ۽ ڪردار سبب جساف جي ضلعي صدر۽ ڊويزنل آرگنائيز سميت جساف جو مرڪزي عهديدار چونڊيو ويو ۽ سندس شمار شهيد بشير خان قريشي جي ڪجهه ويجهن ۽ دل گهرين ساٿين ۾ ٿيڻ لڳو، اهو ئي سبب آهي ته چاچا شهيد بشير خان قريشي منهنجي ۽ منهنجي ننڍي ڀاءُ فهد حسين چانڊيو جي سالگرهه سميت گهر جي ٻين پروگرامن ۾ هڪ وڏي جي حيثيت سان شريڪ ٿيندو هو، جن ۾ هاڻي ادا صنعان خان روايتن کي قائم رکندي شريڪ ٿيندو آهي، ننڍي عمر ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ اسان جي بابا شهيد بشير خان قريشي سان گڏجي سڄي سنڌ جو سفر ڪيو، قيد ۽ بند جون تڪليفون برداشت ڪيائين، پهريون ڀيرو بابا 16 سالن جي ڄمار ۾ جيل ويو، جيل ڪاٽڻ ايترو سولو ناهي چڱن ڀلن کي به جيل ناني ياد ڏياري ڇڏي ٿو، پر منهنجي بابا تڏهن به جيل ۽ ٻيون تڪليفون ڏسي شهيد چاچا کي اڪيلو نه ڇڏيو، نه ئي سوچيو هميشه رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي واٽ تي هلندو رهيو آهي، سنڌ جي لاءِ هلندڙ جدوجهد دوران بابا جي ملاقات انهي دور جي ناليوارن صحافين مرحوم رياض احمد غزالي ۽ مرحوم جمال الدين ڀٽي سان ٿي، بابا انهن جي چوڻ تي صحافت ۾ قدم رکيو، انهن قدم قدم تي بابا جي رهنمائي پڻ ڪئي، صحافت جي دنيا ۾اچڻ بعد بابا مال ميڙڻ بدران مظلوم ماڻهن لاءِ آواز اٿاريو ڪجهه عرصي اندر ناليوارن صحافتي ادارن مهراڻ ٽي وي، سنڌ ٽي وي، آواز ٽي وي، خبرون، جيجل، تعمير سنڌ ۽ ”سوڀ“ ۾ صحافتي ڪم سرانجام ڏنو، نوابشاهه پريس ڪلب جو صدر ٿيڻ سميت اهم عهدن تي رهيو آهي، بابا جنهن به صحافتي اداري ۾ رهيو آهي هميشه انهي کي گهر کان به وڌيڪ وقت ڏنو آهي، مان سمجهان ٿي ته صحافتي ڪم تمام مشڪل ۽ ڏکيو هوندو آهي، تيز برسات، طوفان هجي يا ڪو خوني تڪرار صحافي کي ڪوريج ڏيڻي آهي، اسان هميشه بابا کي مشڪل وقت لاءِ تيار ڏٺو آهي، پر وقت بابا کي آزمائڻ لاءِ بيوفائي ڪئي آهي، اهو پڻ ڏکيو وقت آيو جڏهن سندس ڏک سک جي ساٿي شريڪ حيات ۽ اسان جي امڙ گڙدن جهڙي خطرناڪ بيماري سبب هميشه لاءِ وڇڙي وئي، اسان هميشه ڊرامن ۾ ڏٺو ۽ ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته مڙس زالن جا ڪم ڪندا آهن، پر اصل ۾ ڪونه ڏٺو پر جڏهن اسان جي امڙ سخت بيمار هئي ته بابا ساڻس هر قدم تي گڏ هوندو هو، دوا کارائڻ سميت امڙ کي واڪ ڪرائڻ سميت گڏ رهندو آيو، بابا امڙ کان اڳ نه سمهندو هو، جڏهن امڙ کي ننڊ نه ايندي هئي ايتري قدر جو اسان اولاد کي چوڻ بدران پاڻ اسان جي امڙ کي آرام ڪرڻ لاءِ زور پڻ ڏيندو هو، امڙ جي وڇوڙي بعد بابا هميشه صبر ۽ تحمل کان ڪم ورتو آهي ۽ منهنجي ۽ منهنجي ننڍي ڀاءُ فهد جي هر ڳالهه جو خيال رکيو آهي، بابا کي جڏهن به ڏٺو آهي پنهنجي اولاد لاءِ سوچيندي ڏٺو آهي. رب سائين بابا کي صحت، تندرستي ۽ وڏي ڄمار ڏئي، اسان جي مٿان سندس شفقت وارو سايو هميشه برقرار رهي. مون کي ۽ منهنجي ننڍي ڀاءُ فهد کي پنهنجي بابا فدا حسين تي فخر آهي بابا جي ڪيل جدوجهد تي سڄي سنڌ کي پڻ فخر آهي، بابا کي رشتا نڀائڻ به اچن ٿا پنهنجن ويجهن عزيزن سميت پنهنجن دل گهرين دوستن توڙي انهن جي اولاد سان پڻ رشتا نڀائيندو اچي، جڏهن ته سندس دل گهرئي ساٿي شهيد بشير خان جو خاندان خاص ڪري سندس اولاد ادا صنعان خان، ادا ڪوثين خان ۽ ادا جي ايم به بابا جي هڪ وڏي جي حيثيت سان عزت ڪندا آهن ۽ اسان کي پڻ پنهنجي گهر جو حصو ڀاءُ ۽ ڀيڻ وارو مان ڏيندا آهن، شهيد چاچا بشير خان وانگر اسان جي خوشين ۾ پڻ شريڪ ٿيندا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو