فيض گنج (ويب ڊيسڪ) پڪا چانگ ڀرسان ڪنڌڪوٽ واسين سان حادثو، ڊاٽسن ڪلٽي، هڪ فوت، عورتن سميت 15 ڄڻا زخمي، ان سلسلي ۾ مهراڻ نيشنل هاءِ وي باءِ پاس تي ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب ڊاٽسن جي حادثي سبب 23 ورهين جي رحمت الله پٽ موج علي جکراڻي موقعي تي فوت ٿيو، جڏهن ته رجب، ڪريم بخش، حنيف،زينت،ثمينا،ساماڻي،مزمل،مقصود،مدثر،ڪبريٰ، گوڌان، صبران ۽ گلير خاتون جکراڻي سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي ماڻهن ۽ پوليس پهچي ڊاٽسن مان ٻاهر ڪڍي فيض گنج جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪرايو، زخمين مان ٽن ڄڻن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته سمورا ماڻهو ڦٽين جي چونڊ ڪرڻ لاءِ ڪنڌڪوٽ لاءِ نوابشاهه وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو، هوڏانهن فوتي ۽ زخمي هڪ ئي خاندان سان تعلق رکن ٿا،جڏهن ته نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارث اباڻي ڳوٺ ڀنگر جکراڻي کڻائي ويا، آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿيو هو.
