دادو (ويب ڊيسڪ) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نديم بدر قاضي جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو، والد مختيار چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ام رباب چانڊيو پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت پهتي، جڏهن ته الزام هيٺ آيل ڌر ايم پي اي سردار احمد چانڊيو، ايم پي اي برھان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ هجڻ سبب عدالت پاران ڪيس جي ٻڌڻي 16 آگسٽ 2021 تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران ام رباب چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته افسوس آهي ته 4 سالن کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان سنڌ بار ڪائونسل جي احتجاج جي سڏ کي موٽ ڏيان ٿي ڇاڪاڻ ته مان به لاءِ جي شاگردياڻي آهيان، پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سنڌ بار ڪائونسل جا وڪيل منهنجي مدد ڪن، گذريل 4 سالن کان هن ڪيس جي پوئواري ڪري رهي آهيان، بار ڪائونسلون ۽ هيومن رائٽس ڪيس جي اڳڀرائي ۾ مدد ڪن، اسان جي ڪيس جي 2 ايم پي اي نامزد آهن جنهن ڪري ڪيس ۾ دير ٿي رهي آهي انهن کي سنڌ حڪومت جي مدد حاصل آهي مون کي عدالت سڳوري تي ڀروسو آهي جلد انصاف ٿيندو.
