جده (ويب ڊيسڪ) سعوي عرب جي واپار واري وزارت جي ترجمان عبدالرحمن الحسين چيو آهي ته توڪلنا ايپ تي ويڪسينيشن جو اسٽيٽس رکندڙ ماڻهو ئي مارڪيٽ ۾ داخل ٿي سگهندا، رپورٽ مطابق واپار واري وزارت پهرين آگسٽ کان ڪورونا ويڪسين لڳرائيندڙ ماڻهن کي مارڪيٽ ۽ شاپنگ مالز وڃڻ جي اجازت ڏني آهي، ان کان اڄ وزارت چيو هو ته 1 آگسٽ 2021 کان هر اهو ماڻهو جنهن ڪورونا کان بچاءِ جي ويڪسين نه لڳرائي آهي اهي سرڪاري ،خانگي ادارن سميت شاپنگ مالز،ريسٽورنٽ، ڪيفٽريا ۽ ٻين واپاري ادارن ۾ داخل نه ٿي سگهندا. ان حوالي سان واپار واري وزارت سمورن سرڪاري ۽ خانگي ادارن کي آگاه ڪيو آهي ته اهي قانون تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائن.
126