117

ڀارت ۾ ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسن ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به اضافو، فوتگين جو تعداد 4 لک 24 هزار 351

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ لڳاتار ٻئي ڏينهن به ڪورونا وائرس جي نون ڪيسن جي مقابلي ۾ صحتياب ٿيندڙ مريضن جي تعداد گهٽ رهي جنهن جو سبب ايڪٽو ڪيسن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق آچر ڏينهن صحت واري وزارت جي جاري ڪيل تازن انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جي 83 هزار 141 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ متاثرين جو ڪل انگ 3 ڪروڙ 16 لک 55 هزار 824 ٿي ويو آهي. انهي دوران 39 هزار 258 مريضن جي صحتيابي کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو ڪل انگ 5 ڪروڙ 21 لک 20 هزار 083 ٿي ويو آهي. ان دوران ڪورونا وائرس سبب 541 مريض فوت ٿيا جنهن کان پوءِ فوتگين جو مجموعي انگ وڌي 4 لک 24 هزار 351 ٿي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو