فائرنگ 129

وڳڻ شهر ۾ ٻن ڀينرن وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، هڪ پسٽول جا فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي

لاڙڪاڻو  (ويب ڊيسڪ) وڳڻ شهر ۾ مبينا طور ٻن ڀينرن وچ ۾ معمولي ڳالهه تان منهن ماري ٿي جتي 17 سالن جي نوجوان ناري فرحانه ڌيءَ محمد خان مغيري پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي گهر ڀاتين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي علاج دوران ناري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي جنهن دوران وارث ناري جي لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي خودڪشي ڪندڙ ناري جي وارثن ٻڌايو ته فرحانه جي صبح جي وقت پنهنجي ڀيڻ سان معمولي ڳالهه تان منهن ماري ٿي جنهن ڳالهه تان هن گهر جي ڪمري ۾ پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو جتي علاج دوران فرحانه فوت ٿي وئي آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد خودڪشي ڪندڙ ناري جو لاش وارث گهر ڏانهن کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو