ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ماڻهن جي رش سبب سڄي صوبي ۾ ويڪسين سينٽر وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سنڌ جي اطلاعات ۽ مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ڪراچي ۾ ڪلفٽن ڊرائيو ٿرو ڪورونا ويڪسينيشن سينٽر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي صحت کاتي وارو پارلياماني سيڪريٽري قاسم سومرو ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. هن سينٽر تي سهولتن جو جائزو ورتو ۽ ويڪسين بابت آيل شهرين کان معلومات ورتي. ان موقعي تي صوبائي وزير چيو ته 18 جولاءِ کان ڊرائيو ٿرو سينٽر شهرين کي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. سنڌ حڪومت جي ايس بينڪ جي سهڪار سان هي ويڪسينيشن سينٽر قائم ڪيو آهي. هن چيو ته وڏي انگ ۾ فيمليز هن سينٽر تي ويڪسينيشن جي لاءِ اچي رهيون آهن. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته فيمليز جي رش کي ڏسندي ڪائونٽرز ۾ اضافو ڪيو ويو آهي ته جيئن شهرين کي گهٽ وقت ۾ ويڪسين لڳائي وڃي. هن چيو ته ٻين نجي ادارن جي سهڪار سان شهر ۾ وڌيڪ ڊرائيو ٿرو ويڪسين جي سهولت فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڊيلٽا وائرينٽ جهڙي خطرناڪ وائرس کان محفوظ رهڻ جي لاءِ ويڪسينيشن ئي بهترين حل آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته شهري ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪن پاڻ به محفوظ رهن ۽ شهر کي به محفوظ بڻائن. هن چيو ته سخت فيصلا ماڻهن جي زندگيون بچائڻ جي لاءِ ڪيا آهن. سيد ناصر حسين شاھ چيو ته پوري صوبي ۾ ويڪسينيش سينٽرن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. اڄ ڪراچي جي 6 ضلعن جي 11 سينٽرن کي ماس ويڪسينيش سينيٽرز جو درجو ڏنو ويو آهي جيڪي 24 ڪلاڪ ڪم ڪندا رهندا، جن ۾ ڊاؤ اوجھا ڪيمپس، خالق ڏنو هال، جي پي ايم سي ، لياري جنرل اسپتال، چلڊرين اسپتال ضلعو سينٽرل، لياقت آباد ۽ نيو ڪراچي سنڌ گورنمينٽ اسپتال، سنڌ گورنمينٽ قطر اسپتال ، مراد ميمڻ ڳوٺ اسپتال، ڪورنگي 5 اسپتال ۽ سعود آباد سنڌ گورنمينٽ اسپتال شامل آھن.
