116

ڪورونا جي چوٿين لهر ۾تيزي،62 ڄڻا فوت،5 هزار نوان ڪيس،وڌيڪ پابندين تي غور

اسلام آباد/ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر ۾تيزي،وڌيڪ 62 ڄڻا فوت،5 هزار نوان ڪيس، وڌيڪ پابندين تي غور، اڄ اجلاس طلب ڪيو ويو. رپورٽ موجب ملڪ ۾گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5هزار 26 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته ٽن مهينن کانپوءِ وڌيڪ ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا آهن، 62 مريضن دم ڏنو، مثبت ڪيسن جي شرح 8.82 سيڪڙو رهي، سنڌ ۾وڌيڪ 20 مريض فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2549 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هوڏانهن ڪراچي ۾1755، حيدرآباد 173، ٿرپارڪر ۾90، بدين ۾81،سانگهڙ ۾68،سجاول ۾58،ٺٽي ۾56 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته مٽياري ۾40،شهيد بينظير آباد ۾38، عمرڪوٽ ۾33،نوشهروفيروز ۾ 27،ڄامشورو ۾24،دادو ۾18،ٽنڊو الهيار ۾18،خيرپور ۾12،ڪشمور ۾7 ۽ ميرپورخاص ۾2 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، سکر ۾2،گهوٽڪي ۾هڪ ۽ جيڪب آباد ۾هڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ شرح 24 ۽ حيدرآباد ۾ 11 سيڪڙو رهي آهي، ٻنهي شهرن ۾اسپتالن ۾ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ وڌي ويو آهي. هوڏانهن ڪراچي جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي وارڊ ۾ رڳو 55 بسترا بچيا آهن، جڏهن ته سول اسپتال حيدرآباد ۾ مريضن جي گنجائش ختم ٿي وئي آهي، ٻئي طرف اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر وزيراعظم جي صحت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اين سي او سي جو سياست سان تعلق ناهي، 15 مهينن جو نظام هلڻ ڏيو، مڪمل لاڪ ڊائون ۽ ٻيلهه سواري تي پابندي لاءِ ڪٿي چيو هو؟ ڪورونا جي چوٿين لهر خطرناڪ ۽ تيزي سان وڌي پئي،بنگلاديش ۾روزانو 200 ماڻهو مرن پيا، اسان گڏيل حڪمت عملي سان فيصلا ڪيون ته جيئن پريشاني نه ٿئي. هن چيو ته گڏيل حڪمت عملي سان پابنديون لڳايون ته جيئن روزگار متاثر نه ٿئي، ٻئي طرف ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته ڪورونا جي چوٿين لهر تيزي سان گذري رهي آهي، ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ٿئي پيو، گذريل ڪجهه ڏينهن کان روزانو 480 کان 500 ماڻهو اسپتال پهچي رهيا آهن، ڪورونا ڪيس وڌڻ جي ڪري صحت جي شعبي تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، عوام کي درخواست آهي ته ماسڪ پايو، هجوم واري هنڌ تي نه وڃو، ڪمرا هوادار رکو، اهڙي طرح کان ڪورونا کان بچي سگهجي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو