93

لاڪ ڊائون ڪنداسين ته ماڻهو بک مرندا،پورهيت طبقو متاثر ٿيندو،پنهنجي معيشت تباهه نه ڪنداسين:وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته لاڪ ڊائون ڪنداسين ته ماڻهو بک مرندا،پورهيت طبقو متاثر ٿيندو،پنهنجي معيشت تباهه نه ڪنداسين، ڪرپٽ عنصر حڪومت ڪيرائڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيا آهن،اپوزيشن چونڊ سڌارن جي لاءِ تيار ناهي، عوام کي ٽيليفونڪ سڌا سنوان  جواب ڏيندي وزيراعظم عمران خان  چيو ته ڀارت سوچڻ سمجهڻ کانسواءِ لاڪ ڊائون ڪري پنهنجي تباهي ڪئي،اسان جي معيشت وڏي مشڪل سان بهتر ٿي آهي، پاڪستان ۾ڪورونا جي چوٿين لهر آئي آهي، ڊيلٽا ويرينٽ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، احتياط ڪريو،بند جڳهن تي ماسڪ پيو ۽ ڪورونا ويڪسين لڳرايو، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جتي ڪورونا جي شرح وڌيڪ آهي،اتي سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو وڃي، اهو بهتر فيصلو آهي، سنڌ حڪومت لاءِ پيغام آهي ته لاڪ ڊائون ڪنداسين ته ماڻهو بک وگهي مري ويندا، غريبن جو خيال نٿا رکي سگهو ته لاڪ ڊائون نه لڳايو، لاڪ ڊائون جو مطلب غريب ماڻهن کي بکيو رکڻ آهي، غريب ۽ پورهيت طبقو ڪيئن گذارو ڪندو؟ وزيراعظم مخالف ڌر کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته مخالفن بيدردي سان ادارا تباهه ڪيا،نيب پهريون ڀيرو وڏن ماڻهن ۾هٿ وڌو آهي،اهي حڪومت ڪيرائڻ جي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن،ڪنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو، ڪشمير ۾حڪومت ن ليگ جي هئي،فاروق حيدر جو هم گروپ اليڪشن ڪميشڻ جو سينيئر ميمبر آهي،ان باوجود ڌانڌلي ڪيئن ٿي؟ووٽنگ مشين سان ڌانڌلي روڪي سگهجي ٿي، حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي، ان تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، قيمتون به گهٽ ڪري رهيا آهيون، بدقسمتي سان پيٽرول به مهانگو ڪرڻو پيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ اڪثر کاتا صوبن وٽ آهي، صوبن کي هدايت ڏيندس ته هر کاتي ۾ معذورن جي ڪوٽا مختص ڪئي وڃي.  آخر ۾ وزيراعظم عوام کي اپيل ڪئي ته سمورا پاڪستاني ملڪ ۾ هڪ هڪ ٻوٽو لڳائين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو