اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام ۾ مذهبي جماعتن،عالمن ۽ مشائخ پاران امن امان لاءِ ضابطه اخلاق تي اتفاق ڪري ورتو آهي. پاڪستان علماءِ ڪائونسل چيئرمين حافظ محمد طاهر اشرفي جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن کانپوءِ 14 نڪاتي پڌرنامو جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فرقيواراڻي نفرت ۽ طاقت جي زور تي نظريو مڙهڻ شريعت جي ابتڙ آهي،نبين، اصحابين،ازواج مطهرات ۽ اهل بيت جو تقدس فرض آهي، هنن چيو ته سمورن مسلڪن جي عالمن، مشائخ ۽ مفتين جي انتهاپسندي سوچ ۽ شدت پسندي کي مڪمل طور تي رد ڪيو وڃي ٿو، هڪٻئي خلاف بدزباني،چڙ ڏياريندڙ ڳالهه ۽ نظرين کي ٻئي تي مڙهڻ ڏوهه آهي،ديني شعر ذاتي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ صحيح ناهي.
100